مڪو شريف – 02 مارچ (اي پي پي) الحرمين الشريفن انتظاميا رمضان المبارڪ دوران مسجد الحرام جي زائرين لاءِ 56 لک افطار پيڪيٽن جو انتظام ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق الحرمين الشريفين انتظاميا طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته رمضان المبارڪ دوران زائرين لاءِ 56 لک افطار پيڪيٽن جو انتظام ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مسجد الحرام جي اڱڻن ۾ انتظاميا جي تيارين ۾ 120.3 هزار لائٽون، 33 هزار نماز جا ڪارپٽ، 20 هزار زمزم جا ڪولر، 11 هزار کان وڌيڪ ملازم، 10 هزار دستي وهيل چيئر ۽ 8 هزار اسپيڪرز شامل آهن. اهڙي طرح مسجد اندر اچ وڃ کي آسان بڻائڻ لاءِ 519 ايسڪيليٽرز، 400 گولف گاڏيون، 236 نماز جا هنڌ، 196 دروازا، 194 لفٽس ۽ 9.5 هزار وضو خانا فراهم ڪيا ويا آهن.