اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 20 ارب روپين جي رمضان پئڪيج جو افتتاح ڪري ڇڏيو، جيڪو گذريل سال 7 ارب روپين جي پئڪيج جي ڀيٽ ۾ 3 ڀيرا وڌيڪ آهي، پئڪيج تحت سڄي ملڪ جي 40 لک حقدار گهراڻن کي شفاف ۽ آسان انداز ۾ ڊجيٽل والٽ ذريعي 5 هزار روپيا في گهر ڏنا ويندا. رمضان پئڪيج 2025ع جاري ڪرڻ واري تقريب منعقد ٿي. وزيراعظم بٽڻ دٻائي ڊجيٽل والٽ جو افتتاح ڪيو. تقريب م وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، عطاالله تارڙ، احسن اقبال، علي پرويز ملڪ، شزا فاطمه خواجه ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا. تقريب ۾ رمضان پئڪيج 2025ع جي حوالي سان خصوصي دستاويزي فلم ڏيکاري وئي، جڏهن ته سڌ سماءَ واري وزارت طرفان رمضان پئڪيج تي ٺاهيل خصوصي تعارفي ويڊيو پڻ ڏيکاري وئي. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته رمضان المبارڪ ۾ 40 لک گهراڻن ۽ 2 ڪروڙ حقدار ماڻهن کي ڊجيٽل واليٽ ذريعي في گهر 5 هزار روپيا ڏيڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهڙو طبقو جيڪو سفيد پوش آهي ۽ ڪنهن آڏو هٿ نه ٿو ٽنگي ان جي مدد ڪئي ويندي. هن سال اٽڪل 20 ارب روپين جي وڏي رقم هن پئڪيج لاءِ رکي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل سال اها رقم 7 ارب روپيا هئي، جنهن کي وڌائي 20 ارب روپيا ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته ڊجيٽل واليٽ ذريعي شفاف طريقي سان رمضان المبارڪ جي پهرين ڏهي ۾ 20 ارب روپيا ورهايا ويندا، هڪ پائي جي ڪرپشن جو شڪ نه هوندو. هن چيو ته ملڪ جي چئني طرفن ۾ هڪ شفاف نظام ذريعي اهو پئڪيج ورهايو ويندو، جنهن جي مڪمل نگراني ڪئي ويندي. وزيراعظم هن پئڪيج ۾ فني مدد فراهم ڪرڻ تي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، نادرا، بي آءِ ايس پي، وزارتن ۽ ٽيڪ ڪمپنين، عالمي ماهرن جو ٿورو مڃيو جن ڏينهن رات محنت ذريعي هي نظام متعارف ڪرايو. وزيراعظم ناڻي واري وزير ۽ چوڌري امداد ڀوسال جو به ٿورو مڃيو، هن مدرسه حقانيه اڪوڙه خٽڪ ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي مولانا حامد الحق ۽ ٻين ماڻهن جي شهادت تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته حامد الحق جو مدرسو ديني تعليم جي حوالي سان هڪ وڏو مقام رکندو هو. هن چيو ته اسان سڀئي هن افسوسناڪ واقعي جي شديد مذمت ڪيون ٿا ۽ اميد ڪيون ٿا ته ڪي پي حڪومت واقعي ۾ ملوث ڌرين خلاف ڪارروائي ڪندي ذميوارن کي جوڳي سزا ڏيندي. وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ٿي چڪو هو، جنهن لاءِ 80 هزار کان وڌيڪ شهرين پاڪ فوج جي جوانن، آفيسرن، عام شهرين شهادتون ڏنيون پر هاڻوڪن ڏينهن ۾ دهشتگردي ٻيهر اڀري آهي. رمضان المبارڪ جي برڪت ۽ پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي دعائن ۽ هٿياربند فوج جي عظيم قربانين جي نتيجي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو ۽ اسان هن ناسور کي ٻيهر دفن ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته ڪيترائي سو ارب محصولن جا ڪيس التويٰ هيٺ آهن، ڪرپشن ذريعي غريبن جو پئسو لٽيو ويو، انهن سان لوهي هٿن سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته روپئي ۽ ڊالر جي قدر ۾ تمام وڏو فرق آيو هو، اسان جڏهن ملوث ڌرين خلاف ڪارروائي ڪئي ته ماڻهن عدالتن مان منع نامو وٺي ڇڏيو. هن چيو ته اسان نئون نظام ٺاهيو آهي ته جيئن هن مشڪل چئلينج تي ضابطو آڻي سگهجي. اسان ون ڊ فال ٽيڪس جي حوالي سان نئين قانون تحت 500 ارب روپيا واپس آڻڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. ان جي شروعات سنڌ هاءِ ڪورٽ جي منع نامي واري حڪم کي ختم ڪرڻ سان ٿي وئي آهي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، جنهن هڪ ئي ڏينهن ۾ 23 ارب روپيا بئنڪن مان واپس آندا. ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين ادارن جو به ڪردار ساراهه جوڳو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم رمضان المبارڪ جي برڪت سان ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعا به ڪئي. ان کان اڳ صنعتن ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پروگرام جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هي پروگرام صرف 20 ڏينهن ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن ڏينهن رات جي محنت سان تيار ڪيو آهي، جيڪو رمضان مهيني ۾ حقدار ماڻهن کي رليف فراهم ڪندو. هن چيو ته شفاف ترين طريقي ذريعي 40 لک گهراڻن کي سڄي ملڪ ۾ ڊجيٽل واليٽ ذريعي آسان ورهاست کي يقيني بڻايو ويندو ته جيئن ماڻهو باوقار طريقي سان اها رقم گهر ۾ حاصل ڪن. ٻئي پاسي کنڊ رعائتي اگهن تي فراهمي کي به يقيني بڻايو پيووڃي ۽ تعلقي سطح تي شگر ملز مالڪن طرفان 600 اسٽال لڳايا ويندا، جتي کنڊ 130 روپيا في ڪلو گرام جي حساب سان فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته يوٽيليٽي اسٽورز کي سبسڊي فراهم ڪرڻ بدران هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي کاڌي پيتي جون شيون مقرره قيمت کان 15 سيڪڙو رعايت تي فراهم ڪن.