اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي رمضان المبارڪ جون واڌايون ڏيندي چيو آهي، ته اسان کي پنهنجي گهر پاسي جي غريبن ۽ محتاجن کي ياد رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي سگهه موجب انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي، اسان کي انهن لکين فلسطيني ۽ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي به ياد رکڻ گهرجي، جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهن ۽ متحد ٿي هن ظلم خلاف آواز اٿارڻو آهي، هي وقت آهي ته اسان مسلم امت جي اتحاد کي مضبوط ڪيون ۽ گڏيل تعاون ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ 1446هجري جي شروعات تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر رمضان المبارڪ جي سعادت نصيب ٿي رهي آهي. هي مهينو رحمتن، برڪتن ۽ بخشش جو آهي. جنهن ۾ الله تعاليٰ اسان کي پنهنجي قربت عطا فرمائي ٿو. هن چيو ته رمضان جو اصل پيغام صبر، شڪر، همدردي ۽ ڀائيچارو آهي. هي اهو مهينو آهي جيڪو اسان کي ٻين جي ڏکن جو احساس ڏياري ٿو، اڄ جڏهن اسان الله پاڪ جي نعمتن تي شڪر ادا ڪيون ٿا، ته اسان کي پنهنجي ڀرپاسي جي غريبن ۽ محتاجن کي ياد رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي سگهه موجب انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي.