اسلام آباد -01 مارچ (اي پي پي) ازبڪستان جي سفير علي شير توختائف چيو آهي، ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ازبڪستان جو تازو دورو سياسي ڳالهين کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، گڏيل اعتماد ۽ تفهيم کي هٿي وٺائڻ جو ذريعو ثابت ٿيندو، گذريل سالن ۾ ازبڪستان ۽ پاڪستان وچ ۾ سياسي لاڳاپا نئين سطح تي پهچي چڪا آهن ۽ ملڪن جي سربراهن جي گڏيل دوري، اسٽريٽجڪ حصيداري جي معاهدي ۽ تعاون جو پڌرنامو ان ڳالهه جي واضح تصديق ڪري ٿو. وزيراعظم پاران ازبڪستان جي هاڻوڪي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي ازبڪ سفير سان ٻه طرفن لاڳاپن جي موجودگي ۽ مستقبل جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون. ازبڪستان جي سفارتخاني طرفان جاري پريس بيان ۾ ٻڌايو ويو ته سفير چيو آهي، ته ٻئي ملڪ گڏيل قومن، شنگهائي تعاون تنظيم، ايس سي او تنظيم تعاون، اسلامي ۽ اقتصادي تعاون تنظيم جهڙن عالمي ادارن تحت به فعال تعاون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن خطي جي سلامتي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ تعاون کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پنهنجي مضبوط سياسي خواهش جو اظهار ڪيو. واپار ۽ معاشي شعبي ۾ ٿيندڙ امڪاني منصوبن جي سوال جي جاوب ۾ هن چيو ته ڪراچي بندرگاهه ذريعي ٽرانزٽ ٽريڊ کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل سيڙپڪاري فنڊ قائم ڪرڻ جا منصوبا غور هيٺ آهن. ان سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپا مضبوط ٿيندا. هن چيو ته انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ، ٻنهي ملڪن ۾ لاجسٽڪ سينٽر تعمير ڪرڻ، واپاري مرڪز کولڻ ۽ صنعتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ، معاشي سفارتڪاري جي شعبي ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جا ترجيحي شعبا آهن. ان کان علاوه ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ تاشقند ۽ لاهور ۾ ٿيل ”ميڊ ان پاڪستان“ ۽ ”ميڊ ان ازبڪستان“ جي قومي صنعتي نمائشن جي تجربي کي جاري رکڻ ۽ نمائش ۾ شامل شين جي انگ ۾ واڌ ڪرڻ جو منصوبو رکن ٿا. هن چيو ته اسان ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي شرڪت سان بزنس فورم جو بندوبست ڪري نئين سيڙپڪاري جي منصوبن ۽ معاهدن تي صحيحين جي بنياد رکنداسين. هن چيو ته ٻئي ملڪ ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ ترجيحي واپار جي معاهدن جي قدمن کي مڪمل طور لاڳو ڪرڻ، ترجيحي شين جي تعداد م واڌ ڪري گڏيل واپار جي ڳاڻيٽي کي وڌائڻ، سامان ۽ خدمتن جي آزاد اچ وڃ لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ لاءِ ازبڪستان ۽ پاڪستان جي لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن سان ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي خطن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ڪاروباري طبقي وچ ۾ سڌي ريت ۽ ويجهو تعاون قائم ڪرڻ جي طريقيڪار تي ڪم ڪيو پيو وڃي. سفير چيو ته گذريل سالن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾واپاري ڳاڻيٽو مسلسل وڌي رهيو آهي. 2024ع جي آخر تائين هي ڳاڻيٽو 404 ملين ڊالرز تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته هاڻوڪي سالن ۾ اسان جي ملڪن وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽي ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي. في الحال ٻئي ڌريون گڏيل واپار جي ڳاڻيٽي ۾ واڌ ڪرڻ، ايندڙ سالن ۾ هڪ ارب ڊالرز جي هدف کي حاصل ڪرڻ ۽ صنعتي تعاون کي تيز ڪرڻ لاءِ گڏيل قدمن تي فعال طور ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن خوراڪ، ٽيڪسٽائيل، اليڪٽريڪل شين جي آمدني واپار ۽ روانگي واپار جي ڍانچي کي وسيع ڪرڻ لاءِ مخصوص قدم کڻي رهيا آهن. سفير چيو ته ازبڪستان پاڪستان کي زرعي روانگي واپار خاص طور ميون، سبزين، اناج ۽ ٽيڪسٽائيل شين جي فراهمي جي ڳاڻيٽي کي وڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن چيو ته اهڙي طرح پاڪستان جي دواسازي، ٽيڪسٽائيل، تعميراتي مواد ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ صلاحيت ازبڪ مارڪيٽ لاءِ به وڏي اهميت رکي ٿي. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل سيڪٽر ۾ وڏين گڏيل منصوبن کي عملي شڪل ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ اسان جون گڏيل ڪوششون عالمي مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي واريون شيون تيار ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. ازبڪ سفير چيو ته زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجيز جي مٽاسٽا، شين جي پروسيسنگ تي گڏيل منصوبن سان گڏوگڏ ميون، سبزين ۽ اناج جي روانگي واپار جي ڳاڻيٽي کي وڌائڻ لاءِ وڏي صلاحيت موجود آهي. اسان جا ملڪ غذائي تحفظ کي بهتر بڻائڻ ۽ نين مارڪيٽن تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ تعاون ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ازبڪستان ۽ پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو به تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي. اسان جا ملڪ آءِ سينٽرز قائم ڪرڻ، گڏيل تعليمي پروگرامن ۽ ڊجيٽلائيزيشن منصوبن تي ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ آئوٽ سورسنگ خدمتن تي ڌيان ڏئي سگهن ٿا. هن چيو ته ان قسم جو تعاون اسان جي معيشتن لاءِ وڏا امڪان هموار ڪندو.