تاشقند / اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جيڪو وزيراعظم سان گڏ ازبڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي، ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف سان تاشقند ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن گڏيل تاريخ ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي ساراهيو. هن ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، علائقائي رابطن ۽ اقتصادي ترقي ۾ تعاون کي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي پاران گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.