تاشقند – 26 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اعزاز ۾ باضابطا آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي جيڪو ازبڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي.
ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف ڪانگريس سينٽر تاشقند اچڻ تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي، ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف گرمجوشي سان مليا ۽ هڪ ٻئي جي لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم کي ازبڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي وفد جي ميمبرن جو ازبڪستان جي صدر سان تعارف ڪرايو، ازبڪستان جي صدر به پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن جو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تعارف ڪرايو.