تاشقند – 26 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اربع ڏينهن تاشقند ۾ مصروف ڏينهن گذاريو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. بعد ۾ وزيراعظم ۽ ازبڪ صدر پاڪستان ۽ ازبڪستان گڏيل بزنس فورم ۾ شرڪت ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم تاشقند ۾ قائم ٽيڪنو پارڪ جو دورو پڻ ڪيو جتي کيس مقامي طور تي تيار ڪيل مصنوعات جي صنعتي يونٽس جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو.