شڪر ڳڙهه-25 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت نوجوانن جي ترقي ۽ تعليم لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. يونيورسٽي آف نارووال ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته نارووال اسپورٽس سٽي جون رونقون بحال ٿي رهيون آهن ۽ نوجوانن کي تعليم ۽ تفريح جون سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت پرعزم آهي. هن چيو ته اڏام پاڪستان تحت ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ يونيورسٽيون ۽ راند جا ميدان تعمير ڪيا ويندا. پاڪستاني نوجوانن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن. وفاقي وزير، ارشد نديم جي ڪاميابي کي نوجوانن لاءِ هڪ مثال قرار ڏيندي چيو ته اسان جو نظريو نوجوانن کي گار گند سيکارڻ نه پر انهن کي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي. هن ماضي جي سياسي صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو ته هن کي ۽ سندس پارٽي کي ماضي ۾ انتقامي ڪارروائين جو نشانو بڻايو ويو، پر هن صعوبتون برداشت ڪيون ۽ گوڙ ڪرڻ بنا پنهنجو ڪم جاري رکيو. سندس چوڻ هو ته حڪومت نوجوانن جي ترقي ۽ تعليم لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.