حيدرآباد-25 فيبروري (اي پي پي) بينظر انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينا خالد ڪالهه پيپلزپارٽي ضلعي حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري وسيم راجپوت جي رهائش گاهه تي پهتي. ان موقعي تي پي پي پي سنڌ جو اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه، پي پي پي ضلعي حيدرآباد جو نائب صدر اظهر سيال، ايم پي اي حنا دستگير، ايم پي اي ايڊووڪيٽ صائما آغا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سنڌ جو ڊائريڪٽر جنرل ذوالفقار علي شيخ، حسن علي شاهه ڄاموٺ، صنم ٽالپر، نور النسا ابڙو، پاشا قاضي، دانيال ابڙو، لالا ابرار، انجنيئر سڪندر حيات، حسين جتوئي ۽ پي پي پي ڪارڪنن سندس شاندار آجيان ڪئي. ان موقعي تي سينيٽر روبينا خالد چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بي بي شهيد جو مشن هو، جيڪا عورتن کي بااختيار بڻائڻ چاهيندي هئي. هن چيو ته ماضي ۾ ان پروگرام جي بدنيتي سان نالو تبديل ڪيو ويو جنهن ۾ بهتري لاءِ اسان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ان پروگرام تحت 93 لک عورتون ٽن مهينن جي قسط مان فائدوحاصل ڪري رهيون آهن. هن چيو ته نادرا کانپوءِ بي آءِ ايس پي سڀ کان وڏو هڪ ڊيٽا بيس وارو ادارو آهي، اسان ادائيگين لاءِ 6 بينڪ متعارف ڪرايا جنهن ۾ سمورين عورتن جي اڪائونٽس ۾ سڌي ريت رقم منتقل ٿي ويندي آهي. هن چيو ته ڪراچي، ڪوئيٽا، گلگت سميت ٻين شهرن ۾ پائليلٽ پراجيڪٽ تحت سڌي ريت اڪائونٽس ۾ رقم منتقل ٿي ويندي آهي. هن چيو ته اسان بينظير اسڪيم ڊولپمينٽ پروگرام جو پڻ آغاز ڪري رهيا آهيون ته جيئن هنرمند ماڻهن کي ملڪ لاءِ ڪارآمد بڻائي سگهجي. ان کان علاوه ڊيجيٽل ڊيٽا بيس تي عورتن جي رجسٽريشن جو ڪم پڻ جاري آهي. ان موقعي تي پي پي پي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه چيو ته ان پروگرام ۾ سروي ۽ رجسٽريشن جي ڪا به فيس نه رکي وئي آهي، جڏهن ته بينڪنگ سسٽم جي حوالي سان صدر پاڪستان آصف علي زرداري چيو آهي ته مستحق عورتن جي ڪٽوتي نه ڪئي وڃي ۽ عزت احترام سان انهن ۾ وظيفي جي ورهاست کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته انڪم سپورٽ پروگرام عورتن کي سڃاڻپ ڏني آهي. ان موقعي تي پيپلزپارٽي ضلعي حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري وسيم راجپوت چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاڪستان سميت پوري سنڌ جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ واضح ڪردار ادا ڪيو آهي. اهو محترمه شهيد بينظير ڀٽو جو ويزن هو ته عورتن کي بااختيار بڻايو وڃي. اڄ به شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن تحت سڄي ملڪ ۾ عورتن کي معقول وظيفا مهيا ڪيا پيا وڃن ۽ پوري دنيا ۾ ان پروگرام کي ساراهيو پيو وڃي. سينيٽر روبينا خالد ڪارڪنن ۽ موجود ماڻهن جا مسئلا ٻڌا ۽ موقعي تي ئي ڊائريڪٽر جنرل ذوالفقار علي شيخ کي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.