سکر-25 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت سمورن شعبن کي هٿي وٺرائڻ چاهي ٿي ان ڪري ڪراچي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان وسيلي آءِ بي اي سکر ۾ ادبي ميلو منعقد ڪيو ويو آهي. اها ڳالھ هن سکر آءِ بي اي ۾ لٽريچر فيسٽيول جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان لٽريچر فيسٽيول منعقد ڪرڻ تي آرٽس ڪائونسل ڪراچي کي واڌايون ڏيان ٿو. هن چيو ته آرٽس، ڪلچر اينڊ هيريٽيج، ماحوليات ۽ ٽيڪنالاجي جي ماهرن کي گڏ ڪري بهترين پروگرام ترتيب ڏنو ويو آهي. هتي سمورن شعبن جا ماهر موجود آهن، سڀني کي هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻو پوندو، اڪيلو آئون ته تيز هلي سگهان ٿو، پر جيڪڏهن سڀ گڏ هونداسين ته پري تائين وينداسين. سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته هر شعبي کي سهولتون فراهم ڪجن. سنڌ جو تعليمي تاج سکر آءِ بي اي يونيورسٽي آهي. اروڙ يونيورسٽي ۾ مشاهدو ڪيو آهي ته اسان جا نوجوان سمورن شعبن ۾ باصلاحيت آهن. آئون مڃان ٿو ته پرائمري تعليم ۾ اسان کان ڪوتاهي رھجي وئي. سنڌ ۾ 30 پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيون آهن. 30 يونيورسٽين مان 20 يونيورسٽيون 12 سالن ۾ قائم ڪيون ويون آهن. هن سکر آءِ بي اي جي باني چانسلر مرحوم نثار صديقي جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته اڄ اهو ڏسي ڪري خوش ٿي رهيا هوندا. آرٽس ڪائونسل جون وڏيون ڪاميابيون آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته ايئرپورٽ، ريلوي ۽ مک شاهراهون وفاقي حڪومت جي ذميواري آهن، مستقبل نوجوانن جو آهي، جيڪو هميشه کان رهيو آهي. اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي مشن کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون، اڏام پاڪستان پروگرام ۾ 5 شين جو ذڪر آھي، اهي ئي محترمه بينظير ڀٽو 17 سال اڳ پارٽي منشور ۾ رکيون هيون، صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو جي سربراهي ۾ مشن کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون، اسان کي ڪنهن به هڙتال جي ضرورت ڪونهي، سنڌ حڪومت پنهنجي ماڻهن جي محافظ آهي، سنڌ حڪومت پنهنجي حق تي ڪنهن به قسم جي ڌاڙي کي برداشت نه ڪندي. هر ھڪ کي پنھنجو ڪم ڪرڻو آھي.