حيدرآباد-25 فيبروري (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينا خالد جي صدارت هيٺ عوامي نمائندن جو هڪ اجلاس شهباز هال شهباز بلدنگ حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون عبدالجبار خان، ايم پي اي صائما آغا، ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو، پيپلزپارٽي سنڌ جي اڳواڻ عاجز ڌامراهه ، ڊي جي بي آءِ ايس پي سنڌ ذوالفقار علي شيخ، حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ٽائون چيئرمينز، وائيس چيئرمينز ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ حيدرآباد جي سياسي نمائندن ۽ بلدياتي نمائندن پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ضلعي ۾ فائدو حاصل ڪندڙ خاندانن، عورتن کي درپيش مسئلن بابت چيئرپرسن کي آگاهي ڏني وئي ۽ مسئلن جي حل لاءِ مشاورت ڪئي وئي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن روبينا خالد اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته بي آءِ ايس پي ۾ هڪ ملين ٻارڙا تعليمي وظيفي تحت رجسٽرڊ آهن، پر ان پروگرام ۾ ادائيگي جو باضابطا ميڪنزم اڃان وڌيڪ اثرئتو بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ غربت جي شرح هن مهل به وڌيڪ آهي جڏهن ته ڪافي ماڻهو لڏپلان ڪري چڪا آهن جن لاءِ اثرائتي حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ لازمي آهي. هن چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ نوان قدم کنيا پيا وڃن ۽ جيڪي عورتون گذريل ٽن سالن کان ان پروگرام مان لاڀ حاصل ڪري چڪيون آهن انهن جي جاءِ تي نئين مستحق عورتن کي رجسٽرڊ ڪيو ويندو. هن، اهو به اعلان ڪيو ته بي آءِ ايس پي تحت عورتن لاءِ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي ته جيئن اهي هنر سکي روزگار جي مارڪيٽ ۾ پنهنجو مقام بڻائي سگهن. سينيٽر روبينا خالد واضح ڪيو ته ڪجهه عنصر ان پروگرام جي خلاف ناڪاري پروپئگينڊا ڪئي ۽ ان جو نالو تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ هو ناڪام ٿيا. هن چيو ته اهو فقط هڪ سوشل پروٽيڪشن پروگرام ناهي بلڪه عورتن جي خودمختياري ۽ سندن سڃاڻپ جو هڪ مک ذريعو آهي. هن ٻڌايو ته هن وقت پوري ملڪ ۾ 93 لک عورتون بينظر انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو کڻي رهيون آهن، جڏهن ته رجسٽريشن دوران خاندانن جي سماجي ۽ معاشي حيثيت جو جائزو وٺي ڪمپيوٽرائيزڊ ذريعي انٽري ڪئي ويندي آهي. هن عوامي نمائندن کي درخواست ڪئي ته اهي عورتن کي آگاهه ڪن ته کين ڪيتري رقم ملي رهي آهي ۽ ڪنهن به استحصال کان بچڻ لاءِ اهي پنهنجو ذاتي موبائل نمبر پڻ رجسٽر ڪرائين. روبينا خالد ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته اڄ جو دور اسڪل ڊولپمينٽ جو آهي ۽ عالمي سطح تي مهارت رکندڙ ماڻهن جي طلب وڌي رهي آهي. هن چيو ته اسان کي مستحق عورتن کي بااختيار بڻائڻو آهي ته جيئن اهي هنر حاصل ڪري پنهنجي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهن. بعد ۾ حيدرآباد جي ميئر ڪاشف علي شورو پاران سينيٽر روبينا خالد کي پنهنجي آفيس ۾ ضلعي حيدرآباد ۾ هلندڙ ۽ مڪمل ترقياتي منصوبن بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي. روبينا خالد چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وظيفي مان ڪنهن به صورت ۾ ڪٽوتي برداشت نه ڪئي ويندي، مستحق عورتن کي عزت ۽ احترام سان سندن ادائيگين جي فراهمي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي.