ڪراچي-25 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمن چيو آهي ته جعلي خبرن جو ڦھلاءُ ، ڪاروبار ۽ معيشت تي ھاڃيڪار اثر وجھي سگهي ٿو، سنڌ سرڪار جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي چيلنج کي منھن ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ لاءِ پرعزم آھي ته جيئن ڪاروباري برادري جي مفادن جو تحفظ ڪري سگهجي. اهڙو اظهار هن بزنس فيسليٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اطلاعات بابت ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. سينيئر صوبائي وزير چيو ته جعلي خبرن کي منھن ڏيڻ لاءِ ذميواراڻي صحافت ۽ لاڳاپيل ڌرين جو سھڪار لازمي آهي، غلط ڄاڻ جي ڦهلاءُ کي روڪڻ لاءِ ڪاروباري برادري ۽ اطلاعات کاتي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ضروري آهي. اجلاس ۾ ڪاروباري برادري کي درپيش ميڊيا سان لاڳاپيل مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ جعلي خبرن سبب ڪاروبار ۽ معيشت تي پوندڙ اثرن تي ڳالهھ ٻولهھ ڪئي وئي، جڏهن ته ان حوالي سان اثرائتي حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪراچي جي مختلف ڪاروباري تنظيمن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس، ڪورنگي ايسوسي ايشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري، نارٿ ڪراچي ايسوسي ايشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري پاران سوشل ميڊيا تي جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي روڪٿام لاءِ فيڪٽ چيڪنگ سسٽم کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ مشهور ڪاروباري شخصيت مرزا اختيار بيگ، نارٿ ڪراچي ايسوسي ايشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري جي صدر فيصل معز خان، ڪورنگي ايسوسي ايشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري جا صدر جنيد نقي ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جا سينئر وائس چيئرمين ضياءُ العارفين شرڪت ڪئي.اطلاعات وارو سيڪريٽري نديم الرحمان ميمن، سيڪريٽري آءِ ٽي نور احمد سومرو، ۽ ڊائريڪٽر پي اينڊ ڊي اطلاعات معيز پيرزادو به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.