ماسڪو-25 فيبروري (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ جي روس، آمريڪا ۽ چين طرفان پنهنجي پنهنجي دفاعي بجيٽ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ جي تجويز جي حمايت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق روسي صدر هڪ ٽيلي ويزن انٽرويو ۾ چيو ته سندس خيال ۾ اهو هڪ سٺو آئيڊيا آهي ته آمريڪا پنهنجي دفاعي بجيٽ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪندو ۽ اسان به 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪنداسين ۽ پوءِ چين چاهي ته اهو به ان ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. روسي صدر چيو ته هو چين لاءِ اها ڳالهه نٿو ڪري سگهي پر روس آمريڪا سان دفاعي خرچن ۾ گهٽتائي جو معاهدو ڪري سگهي ٿو ۽ اسان ان خلاف نه آهيون. هن وڌيڪ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اها هڪ سٺي تجويز آهي ۽ اسان ان بابت بحث لاءِ تيار آهيون.