راولپنڊي-25 فيبروري (اي پي پي) آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي 2025ع ۾ آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ رٿيل ميچ برسات سبب نه ٿي سگهيو. مسلسل برسات سبب ٽاس به نه ٿي سگهي ۽ امپائرن ميچ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. آءِ سي سي قانون موجب ٻنهي ٽيمن کي هڪ، هڪ پوائنٽ ملي ويو. تفصيل موجب چيمپئنز ٽرافي ۾ گروپ بي، جي اهم ميچ راولپنڊي ۾ مسلسل برسات ۽ گرائونڊ ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ سبب نه ٿي سگهيو. ميگا ايونٽ ۾ آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا هڪ، هڪ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته آفريقا بهتر نيٽ رن ريٽ جي ڪري 3 پوائنٽس سان پهرين ۽ آسٽريليا ساڳئي پوائنٽس سان ٻئي نمبر تي آهي. ساڳئي گروپ ۾ شامل انگلينڊ ۽ افغانستان هيستائين ڪابه ڪاميابي حاصل نه ڪئي آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ 26 فيبروري تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو.