اسلام آباد- 24 فيبروري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي بابت وزيراعظم جي مددگار، رومينه خورشيد عالم چيو آھي ته موسمياتي تبديلي سبب سڄي دنيا ۾ آبي وسيلن تي دٻاءُ وڌي رھيو آھي. اسلامي ملڪن ۾ پاڻي جي وسيلن جي حفاظت ۽ گڏيل ترقي لاءِ سھڪار کي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. انھن خيالن جو اظھار ھن اسلامي ملڪن جي آبي مرڪزن جي حوالي سان ٻن ڏينھن واري نيٽ ورڪنگ اجلاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. رومينه خورشيد عالم عالمي سطح تي پاڻي جي تحفظ ۽ آبي وسيلن جي انتظام جي اھميت تي روشني وڌي ۽ چيو ته موسمياتي تبديلي سبب سڄي دنيا ۾ آبي وسيلن تي دٻاءُ وڌي رھيو آھي. ھن چيو ته پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو وڌي رھيو آھي. ھن چيو ته پاڻي جي تحفظ لاءِ ھڪ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آھي. رومينه خورشيد عالم اسلامي ملڪن تي زور ڀريو ته پاڻي جي وسيلن جي حفاظت ۽ گڏيل ترقي لاءِ سھڪار کي مستحڪم ڪن ته جئين ان سنگين بحران کي اثرائتي طريقي سان منھن ڏئي سگھجي.