بيروت -24 فيبروري (اي پي پي) لبنان جي صدر جوزف عون چيو آهي، ته لبنان جي سر زمين ٻين ملڪن لاءِ جنگ جو ميدان نه ٿي بڻجي سگهي، اسان پنهنجي زمين تي ٻين جي ويڙهه ڏسي ڏسي ٿڪجي پيا آهيون. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ايران جو اعليٰ سطحي وفد بيروت ۾ حزب الله جي سربراهه حسن نصر الله جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ لبنان آيو هو. وفد لبناني صدر سان ملاقات به ڪئي، ملاقات دوران صدر جوزف عون ايراني مهمانن کي چيو ته سندس ملڪ پنهنجي سر زمين ٻين ملڪن جون جنگيون ٿيندي ڏسي هاڻي ٿڪجي پيو آهي. هن چيو ته ملڪن کي ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ دخل اندازي نه ڪرڻ گهرجي. صدر جوزف عون ايراني وفد سان ڳالهائيندي چيو ته ايران سان بهترين ٻه طرفه لاڳاپا رکڻ چاهيون ٿا. جنهن جو ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو. ايراني وفد جي قيادت ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر غالي باف ڪري رهيو هو. هن ايراني صدر مسعود پيز شڪيان طرفان لبناني صدر کي ايران جي دوري جي دعوت به ڏني.