واشنگٽن -24 فيبروري (اي پي پي) امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه يو ايس ايڊ جي اڌ کان وڌيڪ ملازمن کي فارغ يا جبري رخصت تي موڪلي ڇڏيو آهي. بي بي سي مطابق اهو قدم صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان يو ايس ايڊ جي هزارين ملازمن کي فارغ ڪرڻ جي شروعاتي ڪوشش کي قانوني چئلنيج ذريعي روڪڻ جي ڪجهه هفتن کان پوءِ سامهون آيو آهي. رپورٽ مطابق اداري جي اٽڪل 4200 ملازمن کي جبري رخصت تي موڪليو ويو آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 1600 ملازمن کي برطرف ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ آمريڪا جي هڪ وفاقي عدالت يو ايس ايڊ کي بند ڪرڻ جي منصوبي کي عارضي طور تي روڪي ڇڏيو هو پر جمعي ڏينهن فيصلو ڏنو ته اهو وقفو مستقل نه هوندو. 1961ع ۾ قائم ٿيل ان اداري جي ملازمن جو انگ اٽڪل 10 هزار هو.