تل ابيب _ 24 فيبروري (اي پي پي) اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو ڌمڪي ڏني آهي ته اسرائيل غزه تي ٻيهر حملا شروع ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن گذريل ڏينهن اسرائيلي فوج جي آفيسرن جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جنگ جا مقصد هر صورت پورا ڪيا ويندا پوءِ اهو ڳالهين سان هجي يا ڪنهن ٻئي طريقي سان هجي. هن چيو ته اسان ڪنهن به وقت ڀرپور ويڙهه شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. اسان جا آپريشنل منصوبا مڪمل آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جنگ جو هدف مڪمل طورتي حاصل ڪري رهنداسين. اهو پوءِ ڳالهين ذريعي هجي يا پوءِ ڪنهن ٻئي طريقي سان هجي. واضح رهي ته اسرائيل هڪ ڏينهن اڳ ئي جنگبندي معاهدي تحت فلسطيني قيدين جي آزادي روڪي ڇڏي آهي.