تهران _ 24 فيبروري (اي پي پي) ايران جي سپريم ليڊر علي خامنه اي چيو آهي ته اسرائيلي جارحيت خلاف ايراني مزاحمت جاري رهندي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن حزب الله جي سربراهه حسن نصر الله جي جنازي نماز جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ ايراني سپريم ليڊر علي خامنه اي چيو ته دشمن کي خبردار ڪريون ٿا. قبضي، جبر ۽ جارحيت خلاف مزاحمت ڪڏهن به نه رڪجندي. جيسيتائين اسانجا مقصد پورا نه ٿا ٿين جدوجهد ۽ مزاحمت جو سلسلو جاري رکنداسين. هن حسن نصر الله کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو عظيم مجاهد، جرنيل ۽ وڏو اڳواڻ هو. واضح رهي ته اسرائيلي فوج بيروت ۾ بمباري ڪري 27 سيٽمبر تي حزب الله جي سربراهه حسن نصر الله کي ان وقت قتل ڪري ڇڏيو هو جڏهن هو بيروت ۾ پنهنجي هيڊ ڪوارٽر ۾ موجود هو.