واشنگٽن – 24 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهم يورپي اتحادي يوڪرين کي ٽن سالن جي جنگ ۾ هيستائين ڏنل آمريڪي امداد جي حوالي سان چيو آهي ته آمريڪا اربين ڊالر جي رقم واپس وٺڻ چاهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر واشنگٽن مان ٻاهر ريپبلڪنز ساليانا ڪانفرنس ڪنزرويٽو پوليٽيڪل ايڪشن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اها امداد روس يوڪرين جنگ جي سلسلي ۾ جوبائيڊن انتظاميا ڏني آهي. جڏهن ته آمريڪا ڪيف سان معدني وسيلن لاءِ ڳالهيون به شروع ڪري ڇڏيون آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مان روسي صدر سان ڊيل ڪري رهيو آهيان. ان ڪري مان ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته آمريڪي پئسا واپس وٺان. هن چيو ته اسان امداد ائين ئي ڏئي ڇڏي، ان ڪري مان چاهيان ٿو ته ان کان سموري رقم جي بدلي ڪجهه وٺڻ گهرجي ته هو به اسان کي ڏين. هن چيو ته مان يوڪرين کان عام طور تي نه وٺن واري زمين ۽ تيل جو مطالبو ڪري رهيو آهيان. اسان پنهنجي رقم واپس وٺڻ چاهيون ٿا ته اهو غير منصفاڻو يا ناجائز ناهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ڏسنداسين پر مونکي لڳي ٿو ته اسان اهڙي ڪنهن معاهدي جي ويجهو آهيون ۽ اسان وڌيڪ ويجهو ٿينداسين.