اسلام آباد -24 فيبروري (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته حڪومت پائيدار ترقي لاءِ بنيادي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي. پاڪستان بئنڪنگ سمٽ 2025ع کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان لاءِ بئنڪنگ سمٽ 2025ع منعقد ڪرڻ اهم آهي. بئنڪنگ سيڪٽر جو قومي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي، بئنڪنگ سيڪٽر ٽيڪس ادائگي ۾ تيل ۽ گئس جي شعبي کي پوئتي ڇڏي ويو، اسان حڪومت کي 30 ارب روپيا جمع ڪري ڏنا آهن. هن چيو ته بئنڪنگ سيڪٽر ملڪ ۾ دستاويزي معيشت جي فارمولي تي ڪم ڪري ٿو، ملڪي معيشت بهتري ڏانهن وڌي رهي آهي، حڪومت پائيدار معاشي استحڪام لاءِ بنيادي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي. صوبائي اسيمبلين مان زرعي ٽيڪسن بابت بلن جي منظوري اهم اڳڀرائي آهي، ايندڙ بجيٽ جي تياري جي سلسلي ۾ مشاورتي عمل جاري آهي، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ رائيٽ سائيزنگ پاليسي تي عمل جاري آهي. هن چيو ته پائيدار معاشي استحڪام لاءِ روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي، هر سيڪٽر کي ملڪي روانگي واپار ۾ حصو وجهڻو پوندو. سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي ترجي آهي، حڪومت واپارين کي هر فورم تي سهولتون فراهم ڪندي، وفاقي وزير پاڪستان بئنڪنگ سمٽ کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ڪاروبار هلائڻ جي حوالي سان نجي شعبي کي پاليسيون ڏئي. ناڻي واري وزير چيو ته ايمرجنگ مارڪيٽ گذريل 25 سال بهترين انداز ۾ گذاريا آهن، سڀني جو اتفاق آهي، ته اسان جي وس ۾ جيڪو آهي، ان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اڪثر ناڻي وارن وزيرن جو ڌيان پيداواري اوسر تي رهيو آهي، حڪومت کي گهرجي ته هو نجي شعبي کي پاليسيون ڏئي ته جيئن نجي شعبي ڪاروبار هلائي، نجڪاري جو عمل ۽ مالياتي انتظامن جي بهتري ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ مان سعودي عرب ۾ عالمي ڪانفرنس ۾ هئاسين، اتي مون سکيو ته اڀرندڙ مارڪيٽن 2025ع ۾ بهتري سان قدم رکيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته اڀرندڙ معيشتن جي گڏيل سهڪار ۽ فني معاونت جي ڳالهه ٿي، عالمي واپار کان وڌيڪ خطي جي واپار تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. پي آءِ اي کي نجڪاري لاءِ ٻيهر مارڪيٽ ۾ آڻينداسين. محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جو چئلينج انفرادي نوعيت ناهي، ٻين اڀرندڙ معيشتن کي به اهو چئلينج درپيش آهي. هن چيو ته پاڪستان جي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۾ اضافو ٿيو، پاڪستان جي اندروني ۽ پرڏيهي کاتن ۾ بهتري آئي آهي، مالي سال 2025ع جي شروعاتي 7 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس رڪارڊ ٿيو آهي، ناڻي واڌ ۽ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي. اسان اسٽرڪچرل سڌارا آڻي رهيا آهيون. ايف بي آر کي مڪمل ڊجيٽلائيز ڪري رهيا آهيون. هن جو چوڻ هو ته فيس ليس اسيسمنٽ سبب ڪرپشن ۾ 90 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي، زرعي انڪم ٽيڪس جيڪڏهن اسٽرڪچرل ريفارم ناهي ته پوءِ ڇا؟ ناڻي وارن صوبائي وزيرن سان زرعي سڌارن تي عمل جو جائزو وٺنداسين. ناڻي واري وزير چيو ته پاليسي جي سطح تي ايڊوائيزري بورڊ جو قيام عمل ۾ آڻينداسين، ايندڙ بجيٽ بابت سنسني کي گهٽائي رهيا آهيون. 3 ڊسڪوز جي نجڪاري شروع ٿيڻ واري آهي، پبلڪ فنانس لاءِ حڪومتي خرچ گهٽائڻ جا قدم کڻي رهيا آهيون. محمد اورنگزيب چيو ته اسان رائيٽ سائيزنگ لاءِ ”ڇو“ کان وڌيڪ ”ڪيئن“ تي ڳالهائي رهيا آهيون. اسان ان تي عمل جو جائزو وٺنداسين. پينشن بابت سڌارا ڪيا ۽ نقصانن کي گهٽايو، آبادي ۽ موسمياتي تبديلي تي ڌيان ڏيڻ کان سواءِ پائيدار معاشي ترقي نه ٿيندي. هن چيو ته اسان 10 سالن واري شراڪتداري ۾ 6 ٿيمز ڏنا آهن، جن ۾ 4 موسمياتي تبديلي تي ۽ 2 ماليات تي ڪم ٿي رهيو آهي. اسان کي روانگي واپار واري معاشي پيداوار جي ضرورت آهي، روانگي ۾ واپار ۾ رڳو ٽيڪسٽائيل تي نه ڀاڙڻ گهرجي، سمورن شعبن کي روانگي واپار ۾ حصو وجهڻو پوندو، اسان جي پروڊڪٽوٽي گهرجي جنهن جو مطلب آهي ته اسان کي عالمي هڪجهڙائي حاصل ڪرڻي پوندي. هن چيو ته مقامي سيڙپڪاري ايندي تي ايف ڊي آءِ ايندي. عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن جي جيڪڏهن ڳالهه ڪئي وئي ته ريٽنگ ايجنسين سان ڳالهيون ٿيون آهن، اسان کي اميد آهي ته سنگل ڊي ڪيٽگري ۾ اچي وينداسين.