اسلام اباد-21 فيبروري (اي پي پي) هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته هائوسنگ جي حوالي سان شفافيت، ڄاڻ تائين پهچ ۽ جوابداري لاءِ جديد ترين سسٽم قائم ڪرڻو پوندو، پنهنجي ڇِت حاصل ڪرڻ جو انتظار ڪندڙ ميمبرن کي جلد پنهنجو حق ڏيارينداسين. اهڙو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي ۾ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ اٿارٽي جي نئين لانچ ٿيل ڊجيٽل ويب پورٽل تي تفصيلي بحث ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا. وفاقي وزير سسٽم ڊجيٽلائيزيشن تي اٿارٽيءَ جي ٽيم کي مبارڪون ڏنيون. هن شڪايتي سيل کي وقت سر آپريشنل بنائڻ جي به خاص هدايت ڪئي ۽ـ چيو ته شفافيت، ڄاڻ تائين پهچ ۽ جوابداري لاءِ جديد ترين سسٽم قائم ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته انهن ميمبر ملازمن جي تڪليفن جو چڱيءَ ريت احساس آهي جن جي محنت جي ڪمائي سالن کان اسڪيمن ۾ انويسٽ آهي. هن چيو ته سالن کان رڪيل منصوبن کي پڄاڻيءَ تائين پهچائڻ سڀ کان وڏي ذميداري آهي. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته اٿارٽي جي وي پاليسي ۾ به اهم ترميمن جو فيصلو ڪيو آهي، نئين ترميم تحت جي وي پارٽنر لاءِ وڌيڪ آپشنز کي متعارف ڪرايو ويو آهي. جي وي پارٽنر لاءِ لينڊ شيئرنگ فارمولي ۾ به اهم ترميم جو اعلان ڪيو ويو. ترميم جو مقصد ميمبرن لاءِ وڌ کان وڌ اسڪيمن کي متعارف ڪرائڻ آهي.