اسلام آباد-21 فيبروري (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته رمضان المبارڪ دوران کنڊ جي فراهمي بهتر بنائڻ ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن. 27 رمضان المبارڪ تائين اسٽالن تان کنڊ جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي ويندي. اهڙو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ شوگر ايڊوائيزري بورڊ جي اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ کنڊ جي فراهميءَ کي بهتر بنائڻ ۽ عوام تائين ان جي رسائيءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا. سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽريز کي هدايت ڪئي وئي ته هو ميونسپل سطح تي کنڊ جا اسٽالز قائم ڪن ته جيئن عوام کي آسانيءَ سان کنڊ فراهم ڪري سگهجي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي سهڪار سان 230 شوگر اسٽالز لڳايا ويندا. ڪي پي ڪي ۾ کنڊ جي وِڪري لاءِ 405 سيلنگ پوائنٽس جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. پنجاب ۽ بلوچستان ۾ به کنڊ جا سَوين اسٽالز لڳايا ويندا. صوبائي حڪومتن کي ميونسپل سطح تي سيڪيورٽي، صفائي ۽ هجوم جي انتظام جي ذميواري ڏني وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته 27 رمضان تائين اسٽالن تي کنڊ جي بنا رڪاوٽ فراهميءَ کي يقيني بنايو ويندو. وفاقي حڪومت ڪنهن به امڪاني مسئلي جي حل لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙيندي. ميونسپل سطح تي اسٽالز قائم ڪرڻ جو مقصد عام ماڻهن کي فائدو پهچائڻ آهي. پي ايس ايم اي ۽ صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي وئي ته اهي غريبن تائين کنڊ جي رسائي يقيني بڻائين. اسٽالز تي کنڊ 130 رپيا في ڪلو جي حساب سان وِڪرو ٿيندي. اهي قدم رمضان المبارڪ دوران کنڊ جي فراهميءَ کي بهتر بنائڻ ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ کنيا ويا آهن. وفاقي حڪومت جو عزم آهي ته ڪنهن به امڪاني کوٽ يا مسئلي کي فوري طور حل ڪيو ويندو.