اسلام آباد-21 فيبروري (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته حڪومت يوٽليٽي اسٽورز بند نه پئي ڪري، نجي شعبي جي سهڪار کي ان کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ جو ارادو رکي ٿي. سينيٽ جي اجلاس ۾ هن چيو ته حڪومت هر سال يوٽليٽي اسٽورز کي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي، جڏهن ته رمضان پيڪج تحت گذريل سال 17 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي هئي. هن سال رمضان پيڪيج لاءِ 20 ارب رپيا رکيا ويا آهن ۽ پهريون ڀيرو 40 لک ماڻهن کي سڌيءَ ريت روڪ رقم فراهم ڪئي ويندي. صوبا به ان عمل ۾ پنهنجو حصو وجهندا. وفاقي وزير اهو پڻ تسليم ڪيو ته ماضيءَ ۾ يوٽليٽي اسٽورز ذريعي غريبن کي معياري شيون فراهم ڪرڻ جو تجربو وڌيڪ ڪامياب نه رهيو جنهن سبب غير منافعه بخش اسٽورز کي بند ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ملازمن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو، چاهي اهي مستقل ملازم هجن يا ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيا هجن.