اسلام اباد-21 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت پُرامن احتجاج جي حق کي تسليم ڪري ٿي، پر ڪنهن بليڪ ميلنگ يا سرڪاري آفيسن کي يرغمال بنائڻ جي اجازت نه ڏيندي. سينيٽ اجلاس ۾ وفاقي وزير جو چوڻ هو ته احتجاج قانونن جي دائري ۾ هئڻ گهرجي ۽ سرڪاري معاملن ۾ رنڊڪ نه وِجهڻ گهرجي. هن چيو ته سرڪاري ملازمن جي مسئلن تي ڳالهين لاءِ ناڻي وارو وزير سرگرم آهي ۽ـ حڪومت اتحادين سان صلاح مشوري جي عمل کي به جاري رکيو اچي. وفاقي وزير اهو به واضح ڪيو ته حڪومت پگهارن ۽ پينشن جي بار کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ملڪي معيشت کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.