مراڪش/اسلام آباد-21 فيبروري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ مواصلات جي ذريعن کي عالمي معيار موجب اختيار ڪيو پيو وڃي. موٽر ويز تي ايم ٽيگ ۽ اِي ٽڪيٽنگ کي مؤثر طريقي سان لاڳو، موبائل ايپ، ٽريول ايڊوائيزري، روڊن جي صورتحال ۽ موسمياتي اطلاع جون سهولتون به فراهم ڪيون پيون وڃن. وفاقي وزير سان يورپي ڪميشن لاءِ يو اين اي جي ايگزيڪيوٽو سيڪريٽري ٽيٽا نامولڪين مراڪش ۾ ملاقات ڪئي. سيڙپڪاري بورڊ طرفان جاري بيان موجب يو اين سيڪريٽري جنرل جي نمائندي جان ٽوڊٽ به وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير ٽيٽانامو لڪين ۽ جان ٽوڊٽ کي پاڪستان ۾ مواصلات جي ذريعن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وفاقي وزير ۽ يو اين جي نمائندن پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ روڊ انفراسٽرڪچر تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ مواصلات جي ذريعن کي عالمي معيار موجب اختيار ڪيو پيو وڃي. هن يو اين نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته موبائل ايپ، ٽريول ايڊوائيزري، روڊن جي صورتحال ۽ موسمياتي اطلاعات پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته شهرين جي تحفظ لاءِ قومي شاهراهن تي ”ايڪسل لوڊ“ جي پابندي کي به يقيني بڻايو پيو وڃي. يورپي يونين جي ايگزيڪيوٽو سيڪريٽري ۽ يو اين سيڪريٽري جنرل جي نمائندي وفاقي وزير سان ڳالهين دوران چيو ته يورپي يونين پاڪستان ۾ آمدرفت جي ذريعن کي محفوظ بنائڻ جو خواهشمند آهي، شاهراهن کي محفوظ ۽ روڊ سيفٽي جي عالمي معيار تي عملدرآمد جي ضرورت آهي. گڏيل قومن جي چارٽر موجب سمورن ملڪن کي روڊ سيفٽي يقيني بڻائڻو پوندو. هن پاڪستان ۾ شاهراهن تي حادثن ۽ موتن ۾ گهٽتائيءَ کي به اطمينان جوڳو قرار ڏنو. ملاقات دوران وفاقي وزير ۽ جان ٽوڊٽ موجوده عالمي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌُرين چوٿين منسٽريل ڪانفرنس جي بندوبست تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙيءَ طرح جي قدمن سان اُسرندڙ ملڪ وڌيڪ فائدو کڻي سگهن ٿا.