اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ ملڪ محمد عمران قومي خابرو اداري (اي پي پي) ڊي ايس اين جي جي غيرقانوني خريداري ڪيس ۾ اداري کي بري الذمه قرار ڏيندي خريداري ڪيس ۾ ملوث آفيسرن جي پگهارن مان ڄاڻايل رقم وصول ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي پنهنجي وڪيل حسنين حيدر ٿهيم سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي حسنين حيدر ٿهيم ايڊووڪيٽ چيو ته اي پي پي جي ايم ڊي ڊائريڪٽر چائنا نيوز سروس ياور عباس بخاري جي سربراهي ۾ ڊي ايس اين جي وين ڪيس جي جاچ جي لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي. انڪوائري ڪميٽي جي سربراهه سمورن لاڳاپيل ماڻهن جا بيان قلمبند ڪيا ۽ پنهنجي جاچ ۾ اڳوڻي ڊائريڪٽر آءِ ٽي محمد غواث خان، سينيئر ڪلرڪ عتيق الرحمان ۽ انچارج ليگل سيڪشن محمد زبير کي قصوروار قرار ڏيندي جوابدارن جي خلاف اداراجاتي ڪارروائي ڪرڻ جي سفارش ڪئي. حسنين حيدر ٿهيم چيو ته نيٽ سائيٽ ڪمپني ڊي ايس اين جي ويگن ۾ لڳايل مشينري پڻ حاصل ڪري ورتي ۽ اي پي پي کان ڄاڻايل رقم جي ادائيگي جو پڻ مطالبو ڪيو هو ۽ اي پي پي آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري اي پي پي جو نقصان پورو ڪرڻ جي ابتڙ اي پي پي جي خلاف رقم جي ادائيگي ڪرڻ جي لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو هو. اي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر موقف اختيار ڪيو ته اداري جو نقصان پورو ڪرڻ بدران اداري تي ئي الزام هنيو ويو هو ۽ ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن ۽ نجي ڪمپني نيٽ سائيٽ جي خلاف ڪارروائي بدران عدالت کان اي پي پي جي خلاف حڪم ورتا ويا هئا. اي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر موقف اختيار ڪيو ته 15 سالن کانپوءِ اداري کي هڪ وڏي مالي نقصان کان بچايو ويو آهي جنهن جو ڪريڊٽ ايماندار ۽ قابل ترين آفيسر ايم ڊي اي پي پي محمد عاصم کچي ڏانهن وڃي ٿو. عدالت حسنين حيدر ٿهيم جي دليلن سان اتفاق ڪندي ڊي ايس اين جي اسڪينڊل ۾ ملوث آفيسرن کان ڄاڻايل رقم جي ريڪوري جوابدارن جي پگهارن مان ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي ٻڌڻي 7 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڄاڻايل آفيسرن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي پيپرا رول جي خلاف ورزي ڪئي ۽ اداري کي هڪ ڪروڙ 20 لک رپين جو نقصان پهچايو. ڄاڻايل آفيسرن شو روم مان نئين گاڏي خريد ڪرڻ بدران نان ڪسٽم پيڊ گاڏي خريد ڪئي جيڪا مروجه قانونن جي واضح خلاف ورزي هئي. واضح رهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪرپشن جي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سختي سان ڪاربند آهي ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي هدايت موجب ايم ڊي اي پي پي محمد عاصم کچي اي پي پي جي ڪرپٽ عنصرن جي خلاف وڏي پئماني تي آپريشن ڪري رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اٽڪل ڏيڍ ارب رپين جي ڪرپشن پڪڙي وئي آهي جن جا ڪيس مختلف عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن.