اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي افرادي قوت ملڪ جو اصل اثاثو آهي، پاڪستان جي نوجوانن کي عالمي سطح تي گهربل پيشيواراڻي هنر سان ليس ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ نرسنگ جي تربيت جي لاءِ ادارن جي انگ کي وڌايو وڃي، نرسنگ جي تربيت کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم يقيني بڻايا وڃن، نوجوانن کي مختلف شعبن ۾ پيشيواراڻي تربيت جي لاءِ ملڪي ۽ عالمي مارڪيٽ کي نظر ۾ رکيو وڃي، نيوٽيڪ کي نوجوانن جي پيشيواراڻي تربيت جي لاءِ هر قسم جي فنڊنگ فراهم ڪئي ويندي، نيوٽيڪ ناقص ڪارڪردگي وارن تربيتي ادارن کي بليڪ لسٽ ۽ سٺي ڪارڪردگي وارن ادارن جي حوصلا افزائي ڪري. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوان افرادي قوت جي پيشيواراڻي تربيت جي حوالي سان بين الوزارتي جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ نيوٽيڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت، سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت ۽ صحت واري وزارت پاران نوجوانن جي پيشيواراڻي تربيت جي حوالي سان ايندڙ ٽن سالن جي حڪمت عملي پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيوٽيڪ هلندڙ سال هيستائين 60 هزار ۽ جون 2025ع تائين هڪ لک 41 هزار نوجوانن کي آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪندو. وڌيڪ اهو ته 2026ع ۾ 2 لک 50 هزار جڏهن ته 2027ع ۾ 3 لک 37 هزار نوجوانن کي مختلف شعبن ۾ تربيت ڏيندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيوٽيڪ تحت 29 هزار کان وڌيڪ ماڻهو تربيت حاصل ڪري سعودي عرب ۾ روزگار حاصل ڪري چڪا آهن جڏهن ته ڊسمبر 2025ع تائين 40 هزار، 2026ع ۾ هڪ لک جڏهن ته 2027ع ۾ هڪ لک 50 هزار ماڻهن کي پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪري سعودي عرب ۾ روزگار جو هدف رکيوويو آهي. اهڙي طرح ڊسمبر 2025ع تائين ٻين ملڪن ۾ پيشيواراڻي هنر سان ليس 50 هزار پاڪستانين، 2026ع ۾ هڪ لک جڏهن ته 2027ع ۾ 2 لک ماڻهن کي ٻاهرئين ملڪ روزگار ڏيارڻ جو هدف رکيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيوٽيڪ جي ذريعي پاڪستاني تربيتي ادارن جي مختلف عالمي ادارن کان ايڪريڊيٽيشن جو عمل پڻ تيزي سان جاري آهي جنهن تحت جون 2025ع تائين 72 عالمي ادارن پاران ايڪريڊيٽيشن حاصل ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي. اجلاس کي ملڪي صنعت ۾ گهربل هنر ۽ پيشيواراڻي تربيت جي سروي، جديد نصاب جي لاڳو، مقامي ادارن جي ايڪريڊيٽيشن ۽ ٽرينرز جي لائسنسنگ تي اڳڀرائي ۽ ڪارڪردگي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انهن تربيتي پروگرامز ۾ مدرسن جي 2500 کان وڌيڪ شاگردن کي تربيت ڏني وئي جڏهن ته مدرسن جي جون 2025ع تائين 3 هزار، 2026ع ۾ 20 هزار ۽ 2027ع ۾ 30 هزار شاگردن کي مختلف شعبن ۾ پيشيواراڻي تربيت جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته انهن تربيتي پروگرامز کي چئني صوبن سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ پڻ فراهم ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ آءِ ٽي واري وزارت پاران ٻڌايو ويو ته ايندڙ ٽن سالن ۾ وزارت سڄي ملڪ ۾ 92 هزار کان وڌيڪ نوجوانن کي جديد آءِ ٽي ڪورسز ۾ تربيت ۽ 21 لک فري لانسرز تيار ڪرڻ جي هدف کي پورو ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اجلاس کي نيشنل آءِ ٽي اسڪلز ايڪو سسٽم قائم ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن سان نه رڳو نوجوان مقامي صنعت پر ٻاهرئين ملڪ پڻ روزگار جي موجود موقعن مان فائدو کڻندا. اجلاس ۾ ملڪ جي نرسنگ شعبي ۾ تربيتي پروگرامز، نرسنگ جي شعبي جي طلب ۽ پاڪستاني نرسن جي ٻاهرئين ملڪ روزگار جي حوالي سان پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ نرسنگ شعبي جي سڌارن جو روڊ ميپ پڻ پيش ڪيو ويو. وزيراعظم نرسنگ اسڪولز جي انگ ۾ اضافي ۽ موجوده نرسنگ اسڪولز ۾ تربيت جي معيار کي عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، چوڌري سالڪ حسين، آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي صحت واري ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد برٿ، چيئرمين ايڇ اي سي ڊاڪٽر مختار احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.