اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيسن جي تفويض ۽ انتظامي نظام کي جاري ڪرڻ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته نئون نظام شفافيت، وقت سر ۽ فوري انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، اهڙو نظام متعارف ڪرايو آهي جنهن سان بدعنواني جي ور چڙهندڙ پئسو ٻيهر خزاني ۾ ايندو، کربين رپين جا ڪيسز ٽربيونلز، هاءِ ڪورٽس ۽ سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ آهن، بدعنوان عنصرن کان هڪ هڪ پئسو وصول ڪري عوامي ڀلائي تي خرچ ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيسن جي تفويض ۽ انتظامي نظام کي جاري ڪرڻ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪيسن جي تفويض ۽ انتظامي نظام جاري ڪرڻ تي قانون واري وزير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، ان اهم نظام کي جاري ڪرڻ جي لاءِ تعاون ڪرڻ تي ڪئناڊا ۽ يو اين او ڊي سي جا ٿورائتا آهيون، فوري ۽ تيزي سان انصاف جي فراهمي جي لاءِ هي نظام ضروري هو، ڪيسن جي تفويض ۽ انتظام جو جديد نظام وقت جي گهرج هو، نئون نظام شفافيت ۽ وقت سر انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم چيو ته ان جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي، جديد ٽيڪنالاجي سان ليس نظام ڪيسن جي ٽريڪ اينڊ ٽريس ۾ مددگار ثابت ٿيندو، سڄي پاڪستان جا سائلين ۽ درخواستگذار شفاف ۽ تيز تر انصاف جي فراهمي جا خواهشمند هئا، ڪجهه سال اڳ ايف بي آر ۾ پڻ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم متعارف ڪرايو ويو هو جنهن جو مقصد ٽوبيڪو، سيمنٽ ۽ ٻي انڊسٽري کان واجب الادا ٽيڪس گڏ ڪرڻ هو، بدقسمتي سان ماضي ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جو استعمال صحيح انداز ۾ نه ڪيو ويو، اسان ان ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي نئين سر شروع ڪيو جيڪو هاڻي موثر طريقي سان ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هي نظام سمورين بندرگاهن، ايئرپورٽس ۽ ڊراءِ پورٽس تي پڻ ڪم ڪري رهيو آهي، معاملن کي صحيح رخ ۾ آڻڻ هڪ چئلينج آهي، ان جي لاءِ اسان جي ٽيم ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جديد ٽيڪنالاجي نه هجڻ ۽ بدعنواني جي ڪري کربين رپيا خزاني ۾ گڏ ٿيڻ بدران ڏهاڪن کان دير جو شڪار هئا، آئون ان معاملي جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، گذريل 11 مهينن ۾ خامين کي ختم ڪرڻ تي پورو ڌيان ڏنو آهي ۽ ان حوالي سان باقاعدگي سان جائزه اجلاس ٿين ٿا. هن چيو ته کربين رپين جا ڪيسز ٽربيونلز، هاءِ ڪورٽس ۽ سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ آهن جڏهن ته اسان کي قرض وٺڻا پون ٿا، اسلامي جمهوريه پاڪستان کي ته قومن جي قيادت ڪرڻي هئي، الله تعاليٰ پاڪستان کي هر قسم جي وسيلن سان مالامال ڪري رکيو آهي، پاڪستان وٽ هر شعبي ۾ بهترين صلاحيتون رکندڙ ماڻهو موجود آهن، ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اسان جو نظام ٻاڙائي جو شڪار رهيو، اسان کي محنت سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، گذريل وقت تي افسوس ڪرڻ بدران ان کان سکندي اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته اسان اهڙو نظام متعارف ڪرايو آهي جنهن سان بدعنواني جي ور چڙهندڙ پئسو ٻيهر خزاني ۾ ايندو، بدعنوان عنصرن کان هڪ هڪ پئسو وصول ڪري عوامي ڀلائي تي خرچ ڪنداسين، گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ ڏينهن ۾ 24 ارب رپين جي ڪيس جو ميرٽ تي فيصلو ڪيو آهي ۽ اها رقم هاڻي قومي خزاني ۾ جمع ٿيندي، وقت اچي ويو آهي ته اهڙين وڌيڪ رقمن کي قومي خزاني ۾ واپس آندو وڃي. يو اين او ڊي سي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ٽرولس ويسٽر چيو ته پاڪستان جديديت جي رستي تي گامزن آهي، نئين نظام سان فوري انصاف جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر ليسلي اسڪينن چيو ته پاڪستان جي انصاف جي نظام ۾ ان نئين سسٽم سان بهتري ايندي، ڪئناڊا ان حوالي سان مڪمل مدد ڪندو. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته پاڪستان اي گورننس جي فروغ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، قانون ۽ انصاف واري وزارت ڪيسن جي تفويض جي حوالي سان ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي چو ته انصاف ۾ دير انصاف کان انڪار جي برابر آهي، اسان کي اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته سرڪاري معاملا عدالتن ۾ نه وڃن پر جيڪڏهن عدالتن ۾ اهي معاملا هلي وڃن ٿا ته موثر طريقي سان انهن جي پيروي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرائي 98 سيڪڙو حڪومتي قدمن کي اي پورٽل تي منتقل ڪيو ويو آهي، سمورن وفاقي قانونن جي لاءِ ايپ متعارف ڪرائي وئي آهي، هاڻي قانون جي منظوري ٿيندي ئي فوري طور تي ايپ تي ان جا تفصيل اچي وڃن ٿا، ماضي ۾ اسان کي ڪيسن جي التوا کي منهن ڏيڻو پيو آهي، حڪومتي آمدني وارن ڪيسن جي فوري فيصلن سان معيشت تي مثبت اثر پوندا. هن چيو ته حڪومتي نظام جي لاءِ عدالتي نظام سان گڏجي ڪم ڪرڻ ضروري آهي.