اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي ڪرڪ ۾ 6 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته انسانيت جي دشمنن جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ قوم جي فرزندن جون قربانيون هرگز رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ مڪمل طور تي سرگرم عمل آهيون.