اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضلعي ڪرڪ ۾ خوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي بهادر فوج ملڪ جي دفاع لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪارروائي دوران 6 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر چيو ته پاڪستان جي بهادر فوج ملڪ جي دفاع لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکنداسين، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.