اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ڊجيٽل معيشت ۽ عالمي سهڪار تي پاڪستان جي مؤقف کي اجاگر ڪندي ڊجيٽل ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ عالمي ڀائيوارن تي زور ڀريو آهي. وزارت مان جاري ڪيل بيان مطابق مملڪتي وزير ڊيڊسي، اردن ۾ چوٿين ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جنرل اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. ڊجيٽل اسڪلز ۽ ٽيڪنالاجي پارٽنرشپ تي ميمبر ملڪن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڊجيٽل معيشت ۽ عالمي سهڪار تي پاڪستان جي مؤقف کي اجاگر ڪيو ويو. مملڪتي وزير ڊجيٽل ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ عالمي ڀائيوارن تي زور ڀريو. شزه فاطمه خواجه ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي وزارتي اجلاس ۾ فعال شرڪت ڪئي. هن پاڪستان جي ڊجيٽل تبديليءَ جي حڪمت عملي تي عالمي وزيرن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ڊجيٽل سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي عالمي سطح تي ساراهيو. مملڪتي وزير چيو ته ڊجيٽل انقلاب ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪندو.