اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان علائقائي واپار کي هٿي ڏيڻ جو حامي آهي، پاڪستان چين جي بيلٽ اينڊ روڊ قدمن اهم حصو آهي، اسان سمجهون ٿا ته نار سهڪار ڪائونسل ۽ وچ ايشيا به اهم علائقائي راهداريون آهن، اهم معاشي اهڃاڻ بهتريءَ جي عڪاسي ڪري رهيا آهن ۽ معيشت صحيح رُخ ۾ گامزن آهي. فوربز کي انٽرويو ڏيندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته گذيل 14 مهينن جي مُدي ۾ پاڪستان ڪلي معيشت جي شعبن ۾ نمايان اڳڀرائي حاصل ڪئي آهي. حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي آهي، پاليسي ريٽ ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي ۽ پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿي آهي، جڏهن ته ڪرنسي مستحڪم آهي. هن چيو ته ان سان گڏوگڏ ڍانچي جاتي سڌارن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، توانائي سرڪاري ملڪيتي ادارن جي بهتر انتظام ۽ پوري ٿيڻ، نجڪاري ۽ سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان جامع قدمن جو سلسلو جاري آهي. ناڻي واري وزير چيو ته جٽادار معاشي استحڪام ۽ اؤسر جي حوالي سان ڍانچي جاتي سڌارا اهميت رکن ٿا. ناڻي واري وزير ملڪ ۾ ڪاروباري ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ بهترين ماحول جي فراهمي جي حوالي سان اڳڀرائي ٿي آهي. ملڪ ۾ سڌيءَ ريت سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ ٿي رهي آهي. حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن کي سرمائي تي حاصل ٿيل منافعي جي وقت سر منتقلي لاءِ به قدم کنيا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ سيڙپڪاري تي حاصل منافعي جي منتقلي ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ مقامي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ به واڌ ٿي آهي ۽ هو ملڪ ۾ سرمايو لڳائي رهيا آهن. سال 2025ع سيڙپڪاري جي حوالي سان اهم سال ثابت ٿيندو. هن چيو ته آءِ ٽي، کاڻين، زراعت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. حڪومت آءِ ٽي ۽ زرعي روانگي واپار ۾ واڌ لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي ته جيئن روانگي واپار تي ٻَڌل اؤسر جو هدف حاصل ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ ڀرپور صلاحيتون رکندڙ ملڪ آهي. پاڪستان فري لانسرز جي حوالي سان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ آهي، حڪومت فري لانسر کي سمورين سهولتن جي فراهميءَ لاءِ قدم کڻي رهي آهي ته جيئن آءِ ٽي روانگي واپار ۾ نمايان واڌ کي يقيني بڻائي سگهجي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. ان مقصد لاءِ پاڪستان موسمياتي لحاظ کان موزون ماليات لاءِ سرگرم عمل آهي. تازو ئي ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ ان سلسلي ۾ معاونت جي خاطري ڪرائي آهي. پاڪستان موسمياتي ماليات تحت آءِ ايم ايف جي فنڊز مان به فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي.