لاهور -19 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن)جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي، ته پاڪستان جو عوام هاڻي ڪنهن کي به تعمير ۽ ترقي جي سفر ۾ خلل وجهڻ جي اجازت نه ڏيندو، سياست ۽ جمهوريت جي بنيادي اصولن ۽ قدرن کان اڻ واقف گروهه کي هاڻي لانگ مارچ، ڌرڻن ۽ پرتشدد احتجاج جي اجازت نه ڏني ويندي. مصنوعي سياسي بحران پيدا ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. 2013ع ۾ تعمير ۽ ترقي ۽ عوامي خوشحالي جو سفر ان ئي رفتار سان جاري رهي ها ته اڄ اسان کي نه آءِ ايم ايف جي ضرورت هجي نه ئي ڪنهن ٻئي جي سامهون هٿ ٽنگڻ جي. اهڙن خيالن جواظهار هن گذريل ڏينهن رائيونڊ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي سينيٽ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي سان ملاقات دوران ڪيو. نواز شريف چيو ته عوام ۽ خاص ڪري اسان جي نوجوان نسل کي پرامن ۽ ترقي ڪندي پاڪستان جي ضرورت آهي. جتي کين پنهنجي صلاحيتن مطابق ڪردار ادا ڪرڻ جا موقعا حاصل هجن، هاڻي ملڪ الله جي فضل و ڪرم سان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهي رهيو آهي، هن چيو ته پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر انهن عنصرن جي عزمن کي بي نقاب ڪرڻ گهرجي، جيڪي ڏڦيڙ پکيڙڻ ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهي ماڻهو سنجيده ڳالهيون ڪرڻ ۽ سياسي افهام و تفهيم سان گڏ معاملا حل ڪرڻ جي صلاحيت نٿا رکن.ان موقعي تي سينيٽر عرفان صديقي مسلم ليگ (ن) جي صدر کي سينيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽيءَ جي ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو.