راولپنڊي -19 فيبروري (اي پي پي) پاڪ فوج جو سربراهه جنرل سيد عاصم منير سرڪاري دوري تي برطانيه پهچي ويو، هو علائقائي استحڪام ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. آءِ ايس پي آر موجب برطانيه جي دوري دوران آرمي چيف رائل ملٽري اڪيڊمي ۾ ستين علائقائي استحڪام ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، علائقائي استحڪام ڪانفرنس رائل ملٽري اڪيڊمي سينڊ هرسٽ ۾ ٿي رهي آهي. آرمي چيف اڀرندڙ عالمي نظام ۽ پاڪستان جي مستقبل جي عنوان تي اهم خطاب ڪندو. اها ڪانفرنس پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ ٻه طرفو سهڪار وڌائڻ لاءِ هر سال منعقد ٿيندي آهي، علائقائي استحڪام ڪانفرنس پاڪ برطانيه فوجي سطح تي ڳالهين جو اهم پليٽ فارم آهي. عالمي منظرنامي ۾ تيزي سان تبديليءَ تي موجوده ڪانفرنس خاص اهميت رکي ٿي. ان کان اڳ دوري جي پهرين ڏينهن آرمي چيف جي شاهي هارس گارڊز پريڊ گرائونڊ ۾ شاندار آجيان ڪئي وئي جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، چست جٿي آرمي چيف کي انتهائي شاندار انداز ۾ سلامي پيش ڪئي، سندس مصروفيتن ۾ برطانوي چيف آف ڊفينس اسٽاف ايڊمرل ٽوني ريڊيڪن، برطانوي فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل سر رولينڊ واڪر ۽ برطانيه جي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر جوناٿن نڪولس پاول سان ملاقاتون شامل آهن. آرمي چيف برطانوي هوم سيڪريٽري يويٽ ڪوپر سان به ملاقات ڪندو. ملاقاتن ۾ گڏيل چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ويجهي سهڪار جي ضرورت تي اجاگر ڪيو ويندو، پنهنجي دوري دوران آرمي چيف برطانوي فوج جي اهم يونٽس جن ۾ لينڊ وار فيئر سيڪٽر ۽ ون اسٽرائيڪ برگيڊ جو به دورو ڪندو، جتي کيس برطانوي فوج جي جديديت جي ڪوششن ۽ آپريشنل حڪمت عملين تي بريفنگ ڏني ويندي. پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا پراڻن تاريخي بنيادن تي قائم آهن، جيڪي سفارتي، اقتصادي ۽ سيڪيورٽي شعبن ۾ مستحڪم رابطا رکن ٿا، ٻنهي ملڪن جي فوج وچ ۾ خاص طور تي دهشتگردي جي روڪٿام ۽ پيشيواراڻي تربيت جي ميدان ۾ ويجهو سهڪار جاري آهي. اهو دورو پاڪ برطانيه پائيدار شراڪتداري جي تصديق ڪري ٿو، اهو دورو ٻنهي ملڪن جي گڏيل عزم کي اجاگر ڪري ٿو ۽ علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل عزم کي توثيق ڪري ٿو.