اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جو مرڪزي اڳواڻ، اڳوڻو وفاقي وزير، ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد 82 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو جنهن جي جنازي نماز ڪُنري لڳ سندس اباڻي ڳوٺ مانجھاڪر ۾ ادا ڪندي کيس متيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پنهنجي صوبائي ڪابينا جي ميمبرن صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، مڪيش ڪمار چاولا، مير طارق ٽالپر، سيد سردار شاھ سميت شرڪت ڪئي جڏهن ته ان کانسواءِ پي پي ايم پي اي قاسم سراج سومرو، ارباب امان الله، ڊاڪٽر مھيش ملاڻي، شير محمد بلالاڻي، امداد پتافي، لالچند اُڪراڻي، سينيٽر پونجو مل ڀيل، سڪندر شورو، سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار قاسم نويد سميت علائقي جي معززن ماڻھن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي جي سوڳ ۾ عمرڪوٽ، سامارو، پٿورو، ڪنري سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروبار بند ٿي ويو. جڏهن ته سندس پٽ پي پي ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي. نواب يوسف ٽالپر 15 جنوري 1943ع تي پيدا ٿيو ۽ 18 فيبروري 2025ع تي 82 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيائين، هُو پاڻي ۽ زرعي مامرن جو ڄاڻو ۽ سڀ کان سينئر پارليامينٽرين هو. نواب يوسف ٽالپر محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ 1990ع ۾ زراعت جو وزير رهيو، پاڻ پيپزپارٽي جي ٽڪيٽ تي عمرڪوٽ جي تڪ تان 6 ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، پاڻ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ مخدُوم شاهه محمُود قريشي، سيد مُظفر حُسين شاهه ۽ ٻين مخالفن کي شڪست ڏني، کيس چار مارچ جو هيرو ڪري به سڏيو ويندو آهي.