اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان پاڪستان ۾ نيڌرلينڊز جي سفير هيني فوڪل دي ورائيس ملاقات ڪئي. ڪالهه جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ نيدرلينڊز وچ ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ٻه طرفن ناتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير پاڪستان ۽ نيڌرلينڊز وچ ۾ ٻه طرفن ۽ تاريخي ناتن تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان نيڌر لينڊز سان ٻه طرفن ناتن کي گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ڄو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي مهمان نوازي ڪئي آهي. هن ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي افغان پناهگيرن جي وطن واپسي لاءِ پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي نيدر لينڊز جي سفير چيو ته سندس حڪومت پاڪستان سان پنهنجن ڊگهن ناتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي ۽ پاڪستان ۾ مختلف ترقياتي پروگرامن ۾ 75 سالن جي ڊگهي ڀائيواري جاري رکڻ جي خواهشمند آهي.