اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان افغان شهرين سان مبينا اڻوڻندڙ سلوڪ جي حوالي سان وقتي افغان ناظم الامور جي دعويٰ کي غلط قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لکين افغانين جي عزت ۽ وقار سان ميزباني ڪئي آهي. ترجمان وقتي افغان ناظم الامور جي ريمارڪس جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جي جواب ۾ چيو ته اسان پاڪستان ۾ غيرقانوني غيرملڪين جي وطن واپسي جي منصوبي بابت اسلام آباد ۾ وقتي افغان ناظم الامور جي ريمارڪس کي نوٽ ڪيو آهي. ترجمان چيو ته افغان شهرين سان اڻوڻندڙ سلوڪ جي حوالي سان سندس دعويٰ غلط آهي. هن ياد ڏياريو ته پاڪستان روايتي مهمان نوازي کي وڌائيندي پنهنجي وسيلن ۽ خدمتن بشمول تعليم ۽ صحت جي حصيداري ڪئي ۽ تمام گهٽ عالمي تعاون جي باوجود ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لکين افغانين جي عزت ۽ وقار سان ميزباني ڪئي آهي. ترجمان چيو ته جيستائين غيرملڪين جو تعلق آهي، اسان 2023ع ۾ غيرقانوني غيرملڪين جي وطن واپسي جو منصوبو شروع ڪيو ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مناسب طريقيڪار جوڙيو ته وطن واپسي جي عمل دوران ڪنهن سان بدسلوڪي يا هراسمينٽ نه ڪئي وڃي. ترجمان چيو ته ان سلسلي ۾ اسان افغان شهرين جي آساني سان وطن واپسي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ افغانستان کي پڻ وڏي پئماني تي ان عمل ۾ شامل ڪيو. هن چيو ته پاڪستان اهو ڪيو جيڪو هو ڪري سگهيو پئي، اسان عبوري افغان عملدارن مان اميد ڪريون ٿا ته اهي افغانستان ۾ سازگار حالتون پيدا ڪندا ته جيئن واپس ايندڙ افغان معاشري ۾ مڪمل طور تي ٺوس هجن. ترجمان چيو ته افغان عملدارن جو اصل امتحان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو هوندو ته انهن ماڻهن جي حقن جن بابت افغان ناظم الامور ڳالهه ڪئي آهي افغانستان ۾ محفوظ آهن.