اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته صنعت، زراعت، آءِ ٽي جي ترقي، روزگار جي فراهمي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ملڪ ۾ گرين ڊيٽا سينٽرز قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ملڪ ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن سروسز جي بهتري ۽ ڏورانهن علائقن تائين انٽرنيٽ جي پهچ سان آءِ ٽي روانگي واپار ۽ فري لانسرز جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪائونسل ميمبرن حڪومتي پاليسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ مستقبل جي لاءِ تجويزون پڻ ڏنيون. وزيراعظم ڪائونسل ميمبرن جا اجلاس ۾ شرڪت تي ٿورا مڃيا ۽ انهن جي تجويزن جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته معاشي استحڪام واحد شخص نه پر پوري ٽيم جي ڪوششن جي ڪري ممڪن ٿيو، معيشت جي پائيدار ترقي جي حوالي سان وڌيڪ محنت جي لاءِ پرعزم آهيون، خطي ۾ واپار جي فروغ جي موجوده صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻنداسين. هن چيو ته مقامي صنعت کي ان قابل بڻائينداسين ته اسان جو روانگي واپار عالمي مارڪيٽ ۾ مقابلو ڪري سگهي، صنعت، زراعت، آءِ ٽي جي ترقي، روزگار جي فراهمي ۽ روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعطم چيو ته ملڪ ۾ گرين ڊيٽا سينٽرز قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ملڪ ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن سروسز جي بهتري ۽ ڏورانهن علائقن تائين انٽرنيٽ جي پهچ سان آءِ ٽي روانگي واپار ۽ فري لانسرز جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته پاڪستان جي معيشت مستحڪم ۽ ترقي طرف گامزن آهي، قيمتن ۾ استحڪام سان پيداوار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، حڪومتي معاشي تيم سمورن اندازن ۽ تجزين کي غلط ثابت ڪيو، پهريون ڀيرو آهي جو عالمي معاشي ادارا، ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪار حڪومتي ايڪشن پلان جا هڪ زبان ٿي معترف آهن. شرڪت ڪندڙن چيو ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اداراجاتي سڌارن تي سنجيدگي سان عملدرآمد يقيني بڻائي رهي آهي، ملڪ جي وزيراعظم جي ڪاروباري برادري ۽ سمورين ڌرين سان باقاعدگي سان مشاورت تي ان کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي سمورن وڏن شعبن ۾ ترقي حڪومت جي ٽيڪس نظام جي بهتري، ضابطن ۾ آساني ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي فراهمي جي قدمن سان ممڪن ٿي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي جو حڪومتي معاشي ٽيم تائين ڪاروباري برادري جي پهچ آسان ۽ باقاعدگي سان مشاورت ٿي رهي آهي، ملڪي صنعت جو ڦيٿو هلي رهيو آهي، روانگي واپار ۾ هڪ مهيني ۾ خاطرخواهه اضافو ان جو سڀ کان وڏو ثبوت آهي، اسمگلنگ جي روڪٿام سان روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي مختلف شعبن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ڪائونسل ميمبرن سان گڏجي تجويزن جي حوالي سان هڪ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ جهانگير خان ترين، ثاقب شيرازي، شهزاد سليم، مصدق ذوالقرنين، ڊاڪٽر اعجاز نبي، آصف پير، زيد بشير ۽ سلمان احمد سان گڏوگڏ وفاقي وزيرن احسن اقبال، راڻا تنوير حسين، ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآردينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.