لنڊن / اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ برطانيا ڪائونٽر ٽيررازم ڊائيلاگ جو ٻيو دور لنڊن ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب 17 کان 18 فيبروري تائين ٿيندڙ ڊائيلاگ ۾ پاڪستان جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي دهشتگردي جي خاتمي بابت ڊائريڪٽر جنرل عبدالحميد ڪئي جڏهن ته برطانيا پاران وفد جي قيادت قومي سلامتي، پرڏيهي، دولت مشترڪه ۽ ڊيولپمينٽ آفيس بابت جوائنٽ ڊائريڪٽر مس ڪٽي جينڪنز ڪئي. ٻنهي طرفن عالمي ۽ علائقائي منظرنامي جو جائزو ورتو ۽ دهشتگردن پاران درپيش سيڪيورٽي خطرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين تازه ترين عالمي صورتحال جي ڏس ۾ افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ قانون جي لاڳو جي شعبن ۾ بهترين طريقن جي مٽاسٽا کانسواءِ سلامتي، ڪرمنل جسٽس، قانون جي حڪمراني، دهشتگردي جي مالي معاونت جي خاتمي ۽ دهشتگردي جي اڀرندڙ رجحانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صلاحيت کي وڌائڻ ۽ جاري ٻطرفي تعاون ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ تعاون جي امڪاني نئين موقعن تي ڌيان ڏنو ويو. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان – برطانيا ڪائونٽر ٽيررازم ڊائيلاگ جو ايندڙ دور 2026ع ۾ اسلام آباد ۾ گڏيل طور تي چونڊ تاريخن تي ٿيندو.