ڪراچي – 19 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نيشنل اسٽيڊيم ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري پڻ صدر سان گڏ هئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب نيشنل اسٽيڊيم اچڻ تي وفاقي گهرو زير ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي صدر جو استقبال ڪيو. صدر ۽ خاتون اول اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد سان گڏ چيمپيئنز ٽرافي ميدان ۾ کڻي آيا. صدر پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي ڪپتانن سان ملاقات ڪئي. بعد ۾ صدر ۽ خاتون اول پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ راند پڻ ڏٺي.