اسلام آباد – 18 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ويجهي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي ٻطرفي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ ٽرمپ انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي، هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته ٻئي ملڪ دهشتگردي جي خاتمي خاص طور تي داعش ۽ فتنه الخوارج (ايف اي ڪي) جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي ويجهي تعاون کي جاري رکن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آمريڪا جي پاڪستان ۾ ناظم الامور نٽالي بيڪر جي ملاقات ٿي. پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل ويجهي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻطرفي لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ ٽرمپ انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن بشمول ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي وڌيڪ فروغ سان گڏوگڏ آءِ ٽي، زراعت، صحت، تعليم ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته ٻئي ملڪ دهشتگردي جي خاتمي خاص طور تي داعش ۽ فتنه الخوارج (ايف اي ڪي) جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي ويجهي تعاون کي جاري رکن. آمريڪا جي ناظم الامور وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته نئين انتظاميا ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏ ڪم ڪندي.