ڪويت سٽي -19 فيبروري (اي پي پي) نار ۽عرب ملڪن رياض ۾ يوڪرين ۾ جنگ بندي تي روسي ۽ آمريڪي عهديدارن وچ ۾ ڳالهين جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪويت، قطر، گڏيل عرب امارات، عمان، اردن ۽ فلسطين انهن ڳالهين ۾ سعودي عرب جي فعال ڪردار جي آجيان ڪئي اهي. اهڙي طرح نار تعاون ڪائونسل جي جنرل سيڪريريٽ به سعودي عرب پاران رياض ۾ ر وس ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي ميزباني جي تعريف ڪئي آهي. سيڪريٽريٽ موجب اهو قدم ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي عالمي استحڪام کي هٿي وٺائڻ جي سلسلي ۾ عالمي سطح تي سعودي عرب جي اڳواڻي واري ڪردار کي اجاگر ڪري ٿو.