بيجنگ-19 فيبروري (اي پي پي) چين چيو آهي ته عالمي برادري کي يوڪرين بحران کي حل ڪرڻ وارين ڪوششن دوران غزه پٽي کي نه وسارڻ گهرجي. اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي گهڻ رخي ۽ عالمي حڪمراني ۾ سڌارن جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي. هن نشاندهي ڪئي ته سموريون ڌريون هن وقت يوڪرين بحران جي باري ۾ فڪر مند آهن جڏهن ته اهو صرف يوڪرين جو مسئلو نه آهي پر سڄي دنيا ۾ ٻيا ڪيترائي علائقا آهن جيڪي تڪرار جو شڪار آهن ،جئين غزه تڪرار جنهن تي عالمي برادري کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ ان مسئلي کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريندي چيو ته گڏيل قومن پاران ٻن رياستن فلسطين ۽ اسرائيل جي قيام جي ٺهراءَ کي منظور ٿئي 70 سالن کان وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو آهي، جڏهن ته ان فيصلي مان صرف اڌ تي عمل ٿي سگهيو آهي. چين جي پرڏيهي وزير چيو ته اسرائيلي رياست کي قائم ٿئي ڪافي عرصو ٿي چڪو آهي، جڏهن ته فلسطينين وٽ هن وقت به پنهنجو ملڪ ناهي.