اسلام آباد -19 فيبروري (اي پي پي) مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي، ته روڊ سيفٽي هيلٿ، اربن پلاننگ ۽ ماحولياتي پاليسين تي ڪم جاري آهي، اثرائتن قدمن سان حادثن ۾ 50 سيڪڙو ۽ فوتگين ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير مراڪش ۾ جاري چوٿين گلوبل منسٽريل ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ روڊ انفراسٽرڪچر جي بهتري ۽ جديد سفري سهولتن جي حوالي سان ڪوششون جاري آهن، 24 ڪروڙ آبادي واري ملڪ پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو روڊ خراب حالت ۾ آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ 4 لک 93 هزار ڪلوميٽر ڊگهو روڊ نيٽ ورڪ موجود آهي. عبدالعليم خان چيو ته روڊن ۾ 14 هزار 400 ڪلوميٽر نيشنل هاءِ ويز ۽ 2500 ڪلوميٽر موٽرويز شامل آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ گذريل 5 سالن ۾ قومي شاهراهن تي ٽريفڪ ۾ 25 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ روڊ سيفٽي هيلٿ سان ڳنڍيل، اربن پلاننگ ۽ ماحولياتي پاليسين تي ڪم ڪري رهيا آهيون. عبدالعليم خان وڌيڪ چيو ته اثرائتن قدمن سان حادثن ۾ 50 سيڪڙو ۽ فوتگين ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. مواصلات واري وزير چيو ته لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ سنگل فري ڪوريڊورز ٺاهي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته روڊن تي ريسڪيو سروسز وائير ايمبولينس جي فراهمي لاءِ قدمن جي نشاندهي ڪندي چيو ته پاڪستان بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو ۽ سي پيڪ گوادر بي آر آءِ منصوبن لاءِ پرعزم آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان نارٿ سائوٿ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور، پاڪ مڊل ايسٽ پراجيڪٽس ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن گلوبل منسٽريل ڪانفرنس منعقد ٿيڻ کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو ته مختلف ملڪ گڏيل تجربن مان فائدو حاصل ڪندا. هن چيو ته پاڪستان عالمي قانونن جي پابندي ۽ ڪانفرنس جي پڌرائي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندو. عبدالعليم خان ڪانفرنس جي منعقد ٿيڻ تي مراڪش جي حڪومت ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير عبدالصمد سان مراڪش جي خوبصورت شهر ۾ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ۽ شاندار مهمان نوازي تي ٿورو پڻ مڃيو.