اسلام آباد -19 فيبروري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جاپان جي بادشاهه جي سالگره جي شاندار تقريب ۾ مهمان خصوصي طور شرڪت ڪئي. واپار واري وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب تقريب کي خطاب ڪندي واپار واري وزير پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران جاپاني بادشاهه کي مبارڪون ڏنيون ۽ ان کي اتحاد، امن ۽ خوشحالي جي نشاني قرار ڏنو. پنهنجي تقرير ۾ هن جاپاني بادشاهه جي دور کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سندس قيادت ۾ جاپان ترقي، ٽيڪنالاجي، ثقافت ۽ پائيدار ترقي ۾ عالمي سطح تي نمايان مقام حاصل ڪيو آهي. هن جاپان جي عالمي امن، انساني امداد ۽ ماحولياتي تحفظ وارن قدمن جي تعريف ڪندي چيو ته هي اصول پاڪستان جي هدفن سان هڪجهڙائي رکن ٿا. ڄام ڪمال خان چيو ته جاپان ۽ پاڪستان وچ ۾ پراڻا لاڳاپا، گڏيل احترام، قدرن، اقتصادي ۽ ثقافتي سهڪار تي مشتمل آهن. هن چيو ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي، پاڪستان جاپان سان واپار، سيڙپڪاري ۽ انساني وسيلن کي ترقي وٺائڻ جو وڌيڪ خواهشمند آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ به طرفي واپار جو ڳاڻيٽو 1.27 ارب ڊالر آهي جنهن ۾ وڌيڪ اضافي جي گنجائش موجود آهي. وفاقي وزير جاپاني حڪومت ۽ ڪمپنين پاران پاڪستان ۾ لڳاتار سيڙپڪاري جي تعريف ڪندي چيو ته 80 کان وڌيڪ جاپاني ڪمپنيون، آٽو، فارماسيوٽيڪل، اسٽيل ۽ مشينري جهڙن اهم شعبن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن.هن چيو ته پاڪستان پنهنجي اسٽريٽجڪ لوڪيشن سبب واپار ۽ سيڙپڪاري لاءِ مثالي مرڪز آهي جيڪو جاپان جي ڪاروباري ادارن لاءِ بيشمار موقعا فراهم ڪري ٿو. تقريب ۾ جاپاني بادشاهه سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو جنهن ۾ ڄام ڪمال خان سميت ٻين معززن ۽ جاپاني عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي واپار واري وزير جاپاني مصنوعات جي نمائش جو پڻ دورو ڪيو جتي هن کي پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ جاپاني ڪمپنين جي جديد ٽيڪنالاجي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. هن جاپاني مصنوعات جي معيار ۽ مهارتن جي تعريف ڪندي چيو ته ان قسم جي نمائشن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. تقريب ۾ سفارتي شخصيتن، ڪاروباري اڳواڻن ۽ ٻنهي ملڪن جي معززن شرڪت ڪئي جنهن سان پاڪ-جاپان لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو عزم وڌيڪ مستحڪم ٿيو.