اسلام آباد – 18 – فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪالهه اڱاري ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) جي اعليٰ سطحي عام مباحثي ۾ ”گهڻ رخو عملدرآمد: عالمي گورننس جي اصلاح ۽ بهتري“ جي موضوع تي خطاب ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب اهو وزارتي اجلاس چين پاران سلامتي ڪائونسل جي صدارت دوران هڪ اهم تقريب جي طور تي منعقد ڪيو ويو هو. اجلاس جي صدارت چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي پوليٽيڪل بيورو جي ميمبر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي ڪئي. هن وقت پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو 26 – 2025ع ٻن سالن جي مدي جي لاءِ غيرمستقل ميمبر آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي قدم کي ساراهيو. هن اڀرندڙ عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ گهڻ رخي عزم جي ضرورت تي زور ڏنو. هن گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن بشمول خودمختياري، طاقت جي استعمال کان پاسو، خودمختياري جو احترام ۽ تڪرارن جي پرامن حل کي برقرار رکڻ جي اپيل ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير والاريل فلسطيني علائقن خاص طور تي غزه جي سنگين صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ اسرائيل پاران شهرين کي وڏي پئماني تي قتل ڪرڻ ۽ عالمي قانون جي مسلسل خلاف ورزين جي پڻ مذمت ڪئي. هن غزه ۾ مستقل جنگبندي کي يقيني بڻائڻ جي معاهدي جي مڪمل لاڳو، فلسطيني عوام کي فوري انساني امداد فراهم ڪرڻ ۽ ٻه رياستي حل جي لاءِ سياسي عمل جي بحالي جي اپيل ڪئي. هن 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل القدس الشريف کي گادي وارو شهر بڻائڻ سان گڏ هڪ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ تي زور ڏنو. هن فلسطيني عوام کي انهن جي وطن مان بيدخل ڪرڻ جي ڪنهن به قدم کي رد ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کان انڪار تي پڻ روشني وڌي ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو پرامن حل ڳولي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب هجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گهڻ رخي استحڪام ۽ عالمي حڪمراني جي اصلاح جي لاءِ هڪ روڊ ميپ اختيار ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. هن هڪ وڌيڪ جامع، جمهوري ۽ جوابده سلامتي ڪائونسل جي ضرورت تي زور ڏنو، جڏهن ته عالمي مالياتي ڍانچي جي اصلاح ۽ اڀرندڙ چئلينجز، خاص طور تي مصنوعي ذهانت جهڙي تبديلي آڻيندڙ ٽيڪنالاجيز جي ضابطن جي لاءِ عالمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي پڻ روشني وڌي.