اسلام آباد -18 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت طرفان قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي، ته سرڪاري يونيورسٽين جون مالي ڏکيائيون ختم ڪرڻ لاءِ صوبائي ۽ وفاقي ناڻي واري وزارت جي وزيرن وچ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو آهي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ عاليه ڪامران جي سرڪاري يونيورسٽين جي مالي معاملن بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو ويو جنهن تي وضاحت ڪندي وفاقي پارلياماني سيڪريٽري فرح ناز اڪبر ايوان کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت هيڪ کي هلندڙ سال لاءِ 65 بلين روپين جي بجيٽ فراهم ڪئي جڏهن ته صوبن کي 42.5 بلين جيڪو 45 سيڪڙو شيئر ٺهي ٿو ڏنو ويو آهي، ان کي نظر ۾ رکندي چئني صوبن جي ناڻي واري وزارت هڪ معاهدو ڪيو آهي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي، ته يونيورسٽين جي مالي بار کي گهٽايو ويندو. ناڻي واري وزير سان به هڪ معاهدو طئي ٿي ويو آهي. ان سان صوبن کي يونيورسٽين جا مالي معاملا حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. عاليه ڪامران سوال اٿاريو ته 65 بلين جو بجيٽ ڪافي آهي، جيڪڏهن صوبي جو شيئر الڳ ڪري ڇڏيون ته وفاق جو ڪيترو حصو ٺهي ٿو. فرح اڪبر ناز بڌايو ته اسان 120 بلين تجويز ڪيا هئا، پر 65 بلين جي منظوري ٿي آهي، ايندڙ سال ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.