اسلام آباد – 18 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه ٻه ڀائر ملڪ آهن ۽ هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي 5 ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهن، اڏار پاڪستان سميت اقتصادي ايجنڊا ۽ ان جي اهم مقصدن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي تازي دوري جو حوالو ڏيندي چيو ته هن سدائين سمورن عالمي فورمز تي پاڪستان جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته صدر رجب طيب اردوان فلسطين ۽ ڪشمير جي لاءِ هڪ مضبوط آواز آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ باقاعده مشاورت پن ڪن ٿا ۽ هر فورم تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. هن چيو ته ترڪ صدر جي دوري دوران ڪيترين ئي مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون ۽ هن واپار واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن تي زور ڏنو ته اهي 5 ارب ڊالر جي ٻطرفي واپاري هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪن. هن چيو ته اسلام آباد ۾ 84 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندڙ فلاءِ اوور کي پاڪستاني عوام جي محبت جي علامت جي طور تي صدر رجب طيب اردوان جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. وزيراعظم گيلپ جي تازي سروي جي پڻ آجيان ڪئي جنهن موجب اٽڪل 55 سيڪڙو ماڻهن حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي اعتماد ظاهر ڪيو آهي جڏهن ته هن زور ڏنو ته انهن کي اڏار پاڪستان سميت اقتصادي ايجنڊا ۽ ان جي اهم مقصدن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي. وزيراعظم ورلڊ بئنڪ جي ڊائريڪٽرز جي وفد سان پنهنجي ملاقات بابت چيو ته هن سڌارن جي ايجنڊا ۽ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام تي متفقه طور تي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. هن حڪومت جي ساراهه ڪئي ۽ ان جو ڪريڊٽ ڪابينا جي هر ميمبر ڏانهن وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ امن معاشي خوشحالي سان ڳنڍيل آهي جنهن سان ترقي جو ڦيٿو تيزي سان هلندو. هن وڌيڪ چيو ته معاشي استحڪام جي لاءِ سازگار ماحول جي ضرورت آهي. وزيراعظم سيڪيورٽي فورسز کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو جنهن جا آفيسر ۽ اهلڪار ملڪ جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن.