اسلام آباد -18 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي، ته ڪراچي- حيدرآباد موٽر وي مواصلات واري وزارت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. موٽر ويز تي ايم ٽيگ لازمي قرار ڏيڻ سان ٽريفڪ جي رواني ۾ بهتري آئي آهي، گذريل 6 سالن ۾ ٽول ٽيڪس ۾ ڪو به اضافو ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر ان معاملي تي خاص ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڪراچي- حيدرآباد موٽر وي ايم نائين تي اضافي ٽول ٽيڪس بابت سيد وسيم حيدر، سيد امين الحق ۽ ٻين جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي پارلياماني سيڪريٽري گل اصغر خان چيو ته اين ايڇ اي ايڪٽ 1991ع مطابق ٽول ٽيڪس جي حوالي سان قدم کنيا ويندا آهن. هاءِ ڪورٽ هڪ فيصلي ۾ قرار ڏنو هو ته موٽر ويز تي ٽريفڪ جون لائينون ٺهڻ سان موٽر وي جو مقصد ختم ٿي ويندو آهي. ان ڪري پهرين مرحلي ۾ لاهور، سيالڪوٽ موٽر وي تي 100 سيڪڙو ايم ٽيگ لازمي ڪيو ويو، جنهن جا بهتر نتيجا مليا جنهن کان پوءِ فيبروري کان نان ايم ٽيگ ٽريفڪ تي 25 سيڪڙو اضافي ٽول ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. ان قدم سان ايم ٽيگ ٽريفڪ جي شرح 10 سيڪڙو مان وڌي 65 سيڪڙو ٿي وئي آهي. هن چيو ته قائدن مطابق هر 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هڪ ٽول پلازه ٺاهي سگهجي ٿو. هن چيو ته ايم ٽيگ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 25 سيڪڙو اضافي ٽول ٽيڪس ختم ڪيو ويندو. قائدن مطابق هر 3 سالن کان پوءِ ٽول ٽيڪس جي شرح تي نظرثاني ڪئي ويندي آهي. گذريل 6 سالن ۾ ٽول ٽيڪس ۾ ڪو به اضافو ناهي ڪيو ويو، ان لاءِ انهي ۾ مرحليوار اضافو ڪيو پيو وڃي. هڪ سوال تي هن چيو ته ايم 6 موٽر وي کي ٻيهر بڻائي ايم نائين سان ملايو ويندو، ان لاءِ مختلف پئڪيجز بڻايا ويا آهن. هر پئڪيج 50 ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي. سيد امين الحق جي سوال تي هن چيو ته ٿوري وقت ۾ نئين الائنمينٽ ڪئي وئي آهي. هن جو چوڻ هو ته ڪراچي – حيدرآباد موٽر وي تي روزانو 25 هزار گاڏيون گذري رهيون آهن، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ ان حوالي سان نمايان اڳڀرائي ٿيندي. جاويد حنيف جي سوال تي هن چيو ته نئين الائنمينٽ ۾ ڪراچي پورٽ تائين واڌ ڪئي وئي آهي. ڪراچي حيدرآباد موٽر وي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان گڏوگڏ بئي ماڊل تي بڻائڻ لاءِ ڳالهيون ٿي رهيون آهن. مصطفيٰ ڪمال جي سوال تي هن چيو ته حڪومت ۾ ايندي ئي اسان ايم نائين کي ري پليس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ڇاڪاڻ ته پراڻو موٽر وي ضرورتن کي پورو نه پيو ڪري سگهي. اهو صرف سنڌ جو نه پر پاڪستان لاءِ اهميت رکندڙ موٽر وي آهي، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته اهو هڪ گمڀير مسئلو آهي جنهن جو حل ڪڍڻ گهرجي. سيد نويد قمر چيو ته هي اهڙو معاملو آهي، جنهن لاءِ منظم نظام ۽ وقت هجڻ گهرجي، ايندڙ سيشن ۾ ان معاملي تي وڌيڪ بحث ڪيو ويندو. اعجاز جکراڻي تي چيو ته جڏهن کان هو ڪميٽي جو چيئرمين بڻيو آهي اهو ئي معاملو سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ آيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير ان تي 2 خط به لکيا آهن، سڄي ملڪ ۾ موٽر ويز ٺاهيا ويا، پر اهو سيڪشن ڇڏيو ويو، ان تي وزيراعظم کي به خاطري ڪرائڻ گهرجي. ڊپٽي اسپيڪر ان معاملي تي خاص ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي.